اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته پاڪستان، سعودي عرب بزنس فورم ذريعي ٻنھي ??لڪ?? وچ ۾ مضبوط اقتصادي سھڪار سان پاڪستان جي معيشت ت??زي سان ترقي ڪندي ۽ معاشي استحڪام سان گڏو گڏ عوامي فلاح ۽ بھبود جي موقعن ۾ به اضافو ٿيندو. پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم جھڙا پليٽ فارمز ٻنھي ??لڪ?? وچ ۾ اقتصادي سھڪار کي ھٿي وٺرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا. سعودي عرب جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ توانائي، زراعت، بنيادي ڍانچي ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ موقعا موجود آھن، ان قسم جي فورمز سان ٻنھي ??لڪ?? وچ ۾ اقتصادي ناتن کي ھٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. انھن خيالن جو اظھار ھن گذريل ڏينھن پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. ان فورم جو مقصد ٻنھي ??لڪ?? وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري ??ي موقعن کي بھتر بڻائڻ آھي ته جيئن پاڪستان جي معيشت ت??زي سان ترقي ڪري. ھن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ??ا وڌيڪ موقعا موجود آھن ۽ انھن موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ سعودي حڪومت ۽ واپاري ??رادري ??ي مدد ڪنداسين. ھن چيو ته مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي حڪومت جا شڪرگذار آھيون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني حڪومت ادارن ۾ جيڪي پاليسي سڌارا آندا آھن اھي سعودي عرب جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڏانھن آڻيندا. ان سڌارن جو مقصد ڪاروباري ماحول کي بھتر بڻائڻ، سيڙپڪارن کي سھولتون فراھم ڪرڻ ۽ پرڏيھي سيڙپڪاري کي ھٿي ڏيڻ آھي. ھن چيو ته بھتر پاليسين جي نتيجي ۾ سعودي عرب جي سيڙڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ??ا موقعا وڌيڪ پرڪشش لڳندا جنھن سان ٻه طرفا واپاري لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. ھن چيو ته پاڪستاني حڪومت تازو ئي جيڪي پاليسي سڌارا آندا آھن، انھن جو مقصد سيڙپڪاري ??ي ماحول کي بھتر بڻائڻ ۽ پرڏيھي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ ڪاروبار لاءِ وڌيڪ آسانيون فراھم ڪرڻ آھي، حڪومت آءِ ٽي ۽ ڊجيٽل معيشت کي ھٿي وٺرائڻ لا??ِ ڪيتري??ن نيون پاليسيون متعارف ڪرايون آھن، جن جو مقصد شعبن ۾ سيڙپڪاري ??ا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي ملڪ ۾ آڻڻ آھي، اھي سڌارا سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ پرڪشش حيثيت رکن ٿا ۽ سعودي سيڙپڪار انھن پاليسين مان ڀرپور نموني فائدو کڻي سگھن ٿا. ھن چيو ته پاڪستان سعودي عرب بزنس فور جھڙا پليٽ فارمز پاڪستان جي معيشت لاءِ تمام اھم آھن ۽ ان سان معاشي ترقي جي رفتار تيز ٿي سگھي ٿي. اھڙا فورمز ٻنھي ??لڪ?? وچ ۾ ڪاروباري موقعن کي وڌائڻ ۽ ٻه طرفي اقتصادي سھڪار کي ھٿي وٺرائڻ جا موقعا فراھم ڪن ٿا.
پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سعودي حڪومت ۽ واپاري برادري سان هر ممڪن سهڪار ڪنداسين:وفاقي وزير عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II