اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتم ??لن??يين، سرور ڪونين حضرت محمدﷺ جي ولادت باسعادت جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ عيد ميلاد??لن??يﷺ 17 سيپٽمبر اڱاري تي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. مذهبي معام??ن جي انتظام هيٺ قومي سيرت ڪانفرنس جو بندوبست ڪيو ويو، جڏهن ته سڄي ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۽ علائقن ۾ عيد ميلاد??لن??يﷺ جا جلوس ۽ ٻيون محفلون منعقد ڪيون پيون وڃن. مسجدن، ڪاروباري مرڪزن ۽ اهم نجي سرڪاري عمارتن کي رنگ برنگي بتين سان سينگاريو ويو ۽ ڏينهن جي شروعات مسجدن ۽ گهرن ۾ ملڪي ترقي، سلامتي، خوشحالي ۽ مسلم اُمت جي اتحاد لاءِ خا?? دعائن سان ڪئي وئي. عيد ميلاد??لن??يﷺ جي موقعي تي فجر جي نماز کان پوءِ گادي واري هنڌ ۾ 31 ۽ صوبائي گاديءَ واري هنڌ 21-21 توپن جي سلامي ڏني ويندي. سڄي ملڪ ۾ ميلاد جلوسن جو اهتمام ڪيو ويندو. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا آهن، جڏهن ته ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ به ٽريفڪ پلان ترتيب ڏنو ويو آهي ته جيئن جلوس ۾ شرڪت ڪندڙن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي سگهجي. مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ قومي سيرت ڪانفرنس ٿيندي. هلندڙ سال سيرت ڪانفرنس جو موضوع رياست جو تعليمي نظام سيرت ??لن??يﷺ جي روشنيءَ ۾ آهي. سيرت ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ مان ناميارا عالم سڳورا، مذهبي اسڪالر، نامياري نعت خوان ۽ سفارتڪارن سميت اهم شخصيتون شرڪت ڪندا.
سڄي ملڪ ۾ عيد ميلادالنبيﷺ 17 سيپٽمبر اڱاري تي مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار