ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عر?? امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي اجاگر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي ۽ دائره ڪار کي وڌائڻ ۽ ان کي وسيع ڪرڻ جا امڪان ڳولڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ گڏيل عر?? امارات جي ڪاروباري اڳواڻن کي دعوت ڏني آهي ته اهي پاڪستان ۾ خاص طور تي توانائي، انفراسٽرڪچر، سياحت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيرپڪاري جي بي پناهه موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس اينڊ ??نڊسٽري جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت چيمبر آف ڪامرس جي چي??رمين عبدالله محمد المزروعي ڪئي. وفد سان ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم گڏيل عر?? امارات جي اقتصادي ترقي ۾ چيمبر جي ڪردار کي ساراهيو. پاڪستان ۽ گڏيل عر?? امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جو ذڪر ڪندي وزيراعظم واپار جي ڪاٿي ۽ دائره ڪار کي وڌائڻ ۽ ان کي وسيع ڪرڻ جا امڪان ڳولڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گڏيل عر?? امارات جي ڪاروباري اڳواڻن کي دعوت ڏني ته اهي پاڪستان ۾ خاص طور تي توانائي، انفراسٽرڪچر، سياحت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيرپڪاري جي بي پناهه موقعن مان فائدو کڻن. ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس جي ميمبرن پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي.
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي ۽ دائره ڪار کي وڌائڻ ۽ ان کي وسيع ڪرڻ جا امڪان ڳولڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج