اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) بچاءَ ۽ـ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پا??ستان جي ??اريخ ۾ پهريون ڀيرو آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري بڻايو ويو جڏهن ان ۾ ناڪام ٿيا ته باقاعدي پروگرام بڻائي 9 مئي جو واقعو ڪيو ويو، ان جي ??ازش جون ڪڙيون 2014ع تائين وڃي رهيون آهن. 9 مئي پا??ستان جي 25 ڪروڙ عوام جي ??نا جو مسئلو آهي. هو سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن جو چوڻ هو ته اسان جي 75 سالن جي ??اريخ ۾ ڪيترائي دلخراش واقعا ٿيا پر اسان ان تي نه خود احتسابي ڪئي نه ڪنهن کي ذميدار قرار ڏنو. 9 مئي جي واقعي جو احتساب ٿيڻ گهرجي ۽ قوم کي خبر پوڻ گهرجي ??ه ان جا اسپانسر ڪير هئا، ڪهڙن ماڻهن ان تي عملدرآمد ڪرايو ۽ انهن جا مقصد ڇا هئا. اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف ٿي سگهن ٿا، اسان به ڪيا آهن، ميڊيا به، پر ان ڳالهه تي ڪوبه سمجهوتو ناهي ته اهي اسان جي ??هيدن جي يادگارن جن اسان جي ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون. هن چيو ته جيڪا سازش تيار ٿي جنهن جو هدف نواز شريف هو ته ان سازش جي ناڪاميءَ کانپوءِ ملڪ اذيت مان گذريو. ڪرپشن جو سيلاب آيو ۽ جڏهن عدم اعتماد کانپوءِ نئين حڪومت بڻي ته ان جي ڪوشش هئي ته نئون آرمي چيف ان جي مرضيءَ جو لڳي. پا??ستان جي ??اريخ ۾ پهريون ڀيرو آرمي چيف جي مقرريءَ کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. 9 مئي جي واقعي جي منصوبا بندي ڪئي وئي ۽ ان اداري جي ??ڪريم تي سمجهوتو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڊي جي ??ءِ ايس پي آر ٺيڪ چيو هو ته ان جي ??اچ 2014ع تائين وڃڻ گهرجي. ڪئپٽن ڪرنل شير خان جو ته ڪنهن سان ڪو جهيڙو ناهي پر ان جي مجسمي تي ڏنڊا وهائيندڙ ڪير هئا؟ هن چيو ته هي فالس فليگ آپريشن هو، هي سمورا ماڻهو ڄاتل سڃاتل هئا، عمران خان جون ڀيڻيون به ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ موجود هيون، ڪنهن مون کي چيو ته 9 مئي کي انا جو مسئلو بڻايو آهي، هي 25 ڪروڙ عوام جي ??نا جو مسئلو آهي، ان کان پوءِ هڪ بيانيو تخليق ڪيو ويو جيڪو ايپسوليوٽلي ناٽ يعني غلام نامنظور هو پر پوءِ آمريڪي سفير ان سان وڃي ملي رهيا آهن. هن چيو ته هاڻ هي ماڻهو منٿن تي اچي ويا آهن، ڪِرائي تي ماڻهو وٺي کين ايپسوليوٽلي ناٽ وارن جون منٿون ڪيون پيون وڃن. ايوان ۾ وڃي هنگاما ڪيا پيا وڃن، 9 مئي سادو احتجاج نه هو، سڀ ان ڪردار کي ڄاڻين ٿا. ان جماعت جا ڪجهه ڏينهن کان بيان آيا آهن ته اسان ڪنهن سياسي قوت سان نه ڳالهائينداسين، ان جي ڀيڻ بيان ڏنو ته اسان تي زيادتيون ٿيون ته خبر پئي ته پهرين به زيادتيون ٿيون. هن ان جي معذرت به ڪئي، گڏوگڏ هن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي ??نصاف جي ??سٽم جي ??والي سان متفق ٿيڻ گهرجي پر ان جو ڀاءُ اندران الڳ بيان ڏئي ٿو، ان جا 6-7 ميمبر الڳ بيان ڏين ٿا. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي ??فر اسان کي ڪرڻي آهي پر اڃا اهي وڙهي رهيا آهن، سڀ پنهنجي گهر ۾ پي اي سي جا چيئرمين بڻيا ويٺا آهن. بچاءَ واري وزير چيو ته جڏهن 2006ع ۾ چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيحون ٿيون ته فيصلو ٿيو ته پي اي سي جي چيئرمين شپ اپوزيشن کي ڏني وڃي، هي رانا تنوير کي 7 سال نه ملي پر سمورا ماڻهو ماضي ڀلجي ويا آهن. پي ٽي آءِ جا مُ?? اڳواڻ ڪٿي آهن؟ اهي ڇو نٿا ڳالهائين؟ اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ڀلجي ويو آهي ته بي اعتمادي جي ??ات ڇا ٿيو هو؟ جيڪڏهن اوهان بي انصافي تي پارلياماني زندگي گذاري آهي ته اوهان ان پارلياماني فلور تي بيهي قانون مطابق انصاف نٿا گُهري سگهو. ان جو چار ساله رڪارڊ کڻي ڏسو ته هن ملڪ جي ??هتريءَ لاءِ ڇا ڪم ڪيو آهي. 10 سال هي ڪي پي ڪي ۾ حڪومت ۾ رهيا ۽ اڄ ان جو چيف منسٽر بجلي چوري ڪرڻ جو اعتراف ڪري ٿو. خواجه آصف چيو ته هي آمريڪا کي منٿون ڪري رهيا آهن ٿورو ئي 6 جنوريءَ واري ٽرمپ جي ??امين جي ??ملن جي ڪيسن جا ٽرائل ۽ـ سزائون ڏسي وٺن. هن خصوصي قانو??سا??ي ڪئي ۽ ان تي سزائون ڏنيون ته 9 مئي جي واقعي کي ائين نٿو ڀُلائي سگهجي. هي ماڻهو چون ٿا ته خان نه ته پا??ستان نه، خواجه آصف چيو ته پا??ستان جو وجود ڪنهن شخص جي ڪري نه آهي، ان جي وجود لاءِ لکين ماڻهن قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته پا??ستان جي ??مانت ڪنهن هڪ فرد نه ڏني آهي ان جي ??قا جي ??مانت انهن ڏني آهي جن ان لاءِ قربانيون ڏنيون. الله ان وجودن جو ڀرم رکي. اڄ اهي چون ٿا ته جيڪي اندر گهڙيا اهي ٻيا ماڻهو هئا اسان ته صرف احتجاج ڪري رهيا هئاسين. اوهان کي احتجاج ڪرڻو هو ته پارليامينٽ سامهون ڪريو ها. جي ??يڇ ڪيو، ڪور ڪمانڊر هائوس، آءِ ايس آءِ جي ??فيس جي چونڊ ڇو ڪئي وئي، اهي ڪير ماڻهو هئا؟ هن چيو ته موجوده آرمي چيف جي مقرري روڪڻ جي ??ازش ڪئي وئي، سوديبازي ڪئي وئي پر جڏهن اهو نه ٿي سگهيو ته 9 مئي جو واقعو ڪيو ويو. هاڻ اهي ان نعرن کان انڪار ڪري رهيا آهن، هر ملڪ جي ??يڊ لائن هوندي آهي جيڪڏهن ان کي ڪراس ڪيو وڃي ته سڀ حرڪت ۾ اچي وڃن ٿا. 9 مئي تي پا??ستان جي ??هيدن جي ??يڊ لائن پار ڪئي وئي هئي.
آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري بڻائڻ ۾ ناڪاميءَ تي باقاعده پروگرام ٺاهي 9 مئي جو واقعو ڪيو ويو: بچاءَ واري وفاقي وزير جي پريس ڪانفرسن
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے