برسلز – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي وزير المازروئل سهيل سان مل??قات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن ۽ امڪانن ج?? جائزو ورتو. هنن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن خاص طور تي قابل تجديد توانائي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير موسمياتي ڊپلوميسي ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته يو اي اي جي ميزباني ۾ ڪوپ – 28 عالمي ڌيان صاف توانائي جي هڪ آپشن ج?? طور تي نيوڪيلئر انرجي طرف ڇڪرايو. هن ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال خاص طور تي ائٽمي ري اييڪٽر آپريشنز، حفاظت ۽ ريگيوليٽري انفراسٽرڪچر قائم ڪرڻ جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي تجربي ۽ مهارت جي حصيداري جي لاءِ پاڪستان ج?? تياري جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير ان يقين ج?? اظهار ڪيو ته پاڪستان ??? گڏيل عرب امارات جامع اقتصادي حصيداري جي معاهدي (سي اي پي اي) جي نتيجي ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. گڏيل عرب امارات جي وزير پاڪستان ج?? پنهنجي دورن ۽ پاڪستان سان پراڻن لاڳاپن ج?? ذڪر ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل عرب امارات پاڪستان ج?? ترقي ۾ حصيدار رهندو.
پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان برسلز ۾ يو اي اي جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری