پشاور – 06 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت برساتن ۽ برفباري جي متاثرين سان هر قسم جو تعاون ڪندي، سمورا ادارا گڏجي متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن ۾ حصو وٺن، اين ڊي ايم اي صوبائي انتظاميا سان گڏجي متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. هن اها ڳالهه تازي طوفاني برساتن ۽ برفباري سان خيبرپختونخواهه ۾ نقصانن ۽ جاري ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. هو هڪ ڏي??هن جي دوري تي پشاور پهتو. ان موقعي تي وز??راعظم خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي سان گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽر اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، عطا تارڙ، امير مقام، مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ وز??راعظم کي تازي طوفاني برساتن ۽ برفباري جي نتيجي ۾ نقصانن ۽ جاري امداد ۽ بهالي جي قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. وز??راعظم کي صوبائي انتظاميا، پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخواهه ۾ تازي طوفاني برساتن ۽ برفباري جي نتيجي ۾ 40 ماڻهو فوت جڏهن ته 62 ماڻهو زخمي ٿيا جن ۾ 27 ٻار به شامل آهن. ان کانسواءِ 635 گهر مڪمل ۽ جزوي طور تباهه ٿيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وز??راعظم جي خصوصي هدايت تي انهن طوفاني برساتن ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 20 لک، زخمي ٿيندڙن کي في فرد 5 لک، مڪمل تباهه ٿيل گهرن جي رهواسين کي 7 لک جڏهن ته جزوي طور متاثر گهرن جي رهواسين کي 3.5 لک رپيا ڏنا پيا وڃن. وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخواهه ۾ سمورن وڏن ??ستن کي جزوي طور تي بحال ڪيو ويو آهي جڏهن ته جن رستن تي برفباري ۽ ڇپُون اڃان به ڪرن پيُون انهن تي به ڪم جاري آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ايندڙ ٻن ڏي??هن ۾ امڪاني برفباري جي حوالي سان پڻ ضلعي ۽ صوبائي انتظاميا ۽ اين ڊي ايم اي جي ڪنهن به هنگامي صورتحال ک?? منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري مڪمل آهي. بريفنگ دوران وز??راعظم هدايت ڪئي ته سمورا ادارا گڏجي طوفاني برساتن ۽ برفباري جي متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن ۾ حصو وٺن. هن چيو ته متاثرين جي مدد ۽ بحالي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. هن اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته اها صوبائي انتظاميا سان گڏجي متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. وز??راعظم شهباز شريف چيو ته متاثر گهرن جي رهواسين کي ايندڙ 5 ڏي??هن ۾ امدادي رقم جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ وفاقي حڪومت متاثرين سان هر قسم جو تعاون ڪندي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، اسحاق ڊار، خواجه آصف، عطا تارڙ، امير مقام، مرتضيٰ جاويد عباسي، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي.
وفاقي حڪومت برساتن ۽ برفباري جي متاثرين سان هر قسم جو تعاون ڪندي، سمورا ادارا گڏجي متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن ۾ حصو وٺن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں