اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جو اختيار ??ليڪشن ڪميشن وٽ آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون جي روشني ۾ پنهنجي حڪمت عملي جوڙيندي، اسان اليڪشن ڪميشن کان پڇاڳاڇا نٿا ڪري سگهون ۽ نه وري نگراني ڪري سگهُون ٿا، حقيقت ۾ اليڪشن ڪميشن نگران حڪومت جي نگراني ڪندي آهي. اليڪشن ڪميشن پاران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ جو واحد ذميوار ??ئيني ادارو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي اليڪشن ڪميشن کان شڪايت آهي ته اهو اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري سگهي ٿو. هڪ سوال جي جوا?? ۾ ??ن چيو ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جو اختيار ??ڪومت وٽ نه آهي پر اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ئي ٻڌائي سگهي ٿي، حڪومت وٽ اهڙي مقرري جو ڪو اختيار نه آهي. هڪ سوال جي جوا?? ۾ ??ن چيو ته پاڪستان جي اندر آئيني حڪومت آهي، اسان آئيني عمل جي پيداوار ??هيون، آئين جي آرٽيڪل 19 ۽ 19 (اي) تحت هر هڪ کي اظهار ??ي آزادي جو حق ح??صل آهي، ميڊيا آزاد آهي ان تي ڪنهن به قسم جي پابندي نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جوا?? ۾ ??ن چيو ته سڀني رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي تنقيد جو حق ح??صل آهي.
ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، اسان اليڪشن ڪميشن کان پڇاڳاڇا نٿا ڪري سگهون ۽ نه وري نگراني ڪري سگهُون ٿا، حقيقت ۾ اليڪشن ڪميشن نگران حڪومت جي نگراني ڪندي آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado