اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي نومبر ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي گهرڀاتين سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي غريوم، اتر وزيرستان ۾ 20 نومبر تي شهيد ٿيندڙ سپاه?? شاهزيب جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. صدر جي 12 نومبر تي مير علي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي محمد سهيل جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. صدر جي پسني، ??لو??ستان ۾ 3 نومبر تي شهيد ٿيندڙ لانس حولدار باسط عمران جي پونئيرن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. صدر شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي ايثار جي جذبي تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي. صدر پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار، صبر جميل جي دعا ڪئي.
صدر جو پاڪ فوج جي شهيد ٿيندڙ جوانن جي گهرڀاتين سان ٽيليفونڪ رابطو، تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق