اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي جنرل سيڪريٽري حسين ??براهيم طحه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پ??ڏي??ي آفيس موجب اها ٽيليفون ڪال سوئيڊن ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مسلسل واقعن جي پس منظر ۾ ڪئي وئي. پ??ڏي??ي وزير توهين ??ميز ڪاررواين ??ي مذمت ڪئي جيڪا عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي. هن او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري کي 6 جولاءِ 2023ع تي پاڪستان جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ منظور ڪ??ل قرارداد ۽ 7 جولاءِ 2023ع تي سڄي پاڪستان ۾ تقدس قرآن ڏهاڙي ملهائڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪو تحفظ قرآن جي لاءِ پاڪستان جي عوام جي امنگن جي عڪاسي ڪري ٿو. پ??ڏي??ي وزير ان ڳالهه کي ساراهيو ته او آءِ سي جنرل سيڪريٽري جي سرپرستي ۾ ان قابل مذمت ڪاررواين فوري جواب ڏئي رهي آهي. هن 2 جولاءِ 2023ع تي جده ۾ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ٿيندڙ غيرمعمولي اجلاس ۽ اجلاس کانپوءِ جامع پڌرنامو جاري ڪرڻ تي او آءِ سي کي ساراهيو. پ??ڏي??ي وزير ان معاملي تي هنگامي وزارتي اجلاس منعقد ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ جنرل سيڪريٽري کي ان سلسلي ۾ ايران، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پ??ڏي??ي وزيرن سان ٿيندڙ ٽيليفونڪ رابطي بابت آگاهه ڪيو. او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۽ روڪڻ جي لاءِ پاڪستاني ڪوششن کي ساراهيندي گڏيل قوم?? ۾ان سلسلي ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي ساراهيو. پ??ڏي??ي وزير جنرل سيڪريٽري کي يقين ڏياريو ته پاڪستان اسلامو فوبيا جي قابل مذمت لهر کي روڪڻ جي لاءِ او آءِ سي جي سمورن قدمن ۾ فعال طور تي حصو وٺڻ جي لاءِ تيار آهي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا