اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر ڊپازٽ ڪرڻ تي سعودي عرب جي قيادت ۽ ڀائر عوام جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته سعودي عرب جي مدد سان پاڪستان جي اقتصادي بحالي ۽ به??ري جي ڏس ۾ ڀائر ملڪ ۽ عالمي برادري جي وڌندڙ اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي عوام پاران هو اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر ڊپازٽ ڪرڻ تي سعودي عرب جي قيادت ۽ ڀائر عوام جو ٿورائتو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي لاءِ مالياتي مدد يقيني بڻائڻ تي آئُون خاص طور تي پنهنجي ڀاءُ ولي عهد ?? وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جو ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پاران ان مدد سان پاڪستان جا پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پاران معاونت جي فراهمي سان پاڪستان جي اقتصادي بحالي ۽ به??ري جي ڏس ۾ ڀائر ملڪ ۽ عالمي برادري جي وڌندڙ اعتماد جي عڪاسي به ٿي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستاني معيشت ۾ به??ري آڻڻ جي لاءِ سمورن ضروري قدمن تي پرعزم آهيون. وزيراعظم ان ڏس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جا به ٿورا مڃيا ۽ انهن جي ڪردار کي به ساراهيو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر ڊپازٽ ڪرڻ تي سعودي عرب جي قيادت ۽ ڀائر عوام جا ٿورائتا آهيُون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی