اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي قرضن مان جان ڇڏرائڻ گهرجي، چين سميت دوست مل??ن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، پنهنجي قدرتي وسيلن مان فائدو کڻي پاڻڀرا ٿي سگهون ٿا، اسان کي ڳالهين ۽ واعدن بدران مل?? جي ترقي جي لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا، اتحادين سان گڏجي ترقي جو سفر جاري رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزي??اع??م نيشنل انوويشن ايوارڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزي??اع??م چيو ته انهن نوجوانن پنهنجي تعليم دوران پنهنجي محنت سان مختلف شعبن ۾ جدت تي ٻڌل مهارتن ۽ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، انهن جي والدين ۽ استادن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو جن جي ڪري قوم توهان تي فخر ڪري ٿي. هن چيو ته انهن نوجوانن جي قابليت اهم ??هي?? انهن ٻارن جو اعتماد خوش آئنده ??هي?? مل?? جو مستقبل هونهار هٿن ۾ محفوظ ??هي?? اسان کي انهن قابل ۽ حقدار نوجوانن تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، اهي ئي قومون ترقي ڪن ٿيون جن جي نوجوان نسل جي هٿ ۾ هنر ۽ ڊگري هوندي ??هي?? ڀلي اها ز??اع??، انفارميشن ٽيڪنالاجي يا ڪا صنعت هجي. هن چيو ته خادم پنجاب جي حيثيت سان پنجاب اسڪلز ڊيولپمينٽ ڪميٽي پروگرام شروع ڪيو، حڪومتون صنعتون ناهن لڳائينديون پر انهن کي فعال ڪرڻ جي لاءِ سهولتون فراهم ڪنديون آهن، اسان نوجوانن تي سيڙپڪاري ڪئي، ڏکڻ پنجاب کان پروگرام شروع ڪيو، في شاگرد 10 هزار رپيا ڏنا ويا، هزارين ٻارن کي تربيت ڏني وئي، پنجاب ۾ باصلاحيت نوجوانن ۾ ميرٽ تي لکين ليپ ٽاپ ورهايا، هر صوبي جي ڪوٽا رکي وئي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي نوجوانن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويا آهن، ان پروگرام تي تنقيد ڪئي وئي، آئون ليپ ٽاپ ورهائي رهيو هئس ڪلاشنڪوف نه. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران ليپ ٽاپ جي ذريعي تعليم جو سلسلو جاري رهيو، نوجوانن کي روزگار جا موقعا مليا، منهنجي خواهش آهي ته مل?? جي هر هوشيار شاگرد وٽ ليپ ٽاپ هجي ته جيئن اهي وڌ کان وڌ مل??ي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ۽ اسان جي دوستن چين، قطر ۽ ٻين مل??ن بابت ڄاڻي سگهن. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان کي مشڪل معاشي چئلينجز درپيش آهن، اهڙا وقت ايندا رهندا آهن، جيڪڏهن قوم مضبوط ارادو ڪري وٺي ته اسان اهڙن مشڪل چئلينجز کي منهن ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته چين پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏئي رهيو ??هي?? هڪ ارب ڊالر وڌيڪ چين پاڪستان کي ڏنا آهن جيڪي اسٽيٽ بئنڪ ۾ اچي ويا آهن، گذريل 75 سالن دوران مختلف دورن ۾ قرض ورتا ويا، اهو وڏو بار ??هي?? اهي ئي قومون اڳتي وڌنديون آهن جيڪي قرضن مان منافعو حاصل ڪنديون آهن ۽ اڳتي وڌنديون آهن، محنت، ديانت ۽ قابليت سان اهو مقصد حاصل ٿي سگهي ٿو، اسان کي قرضن مان جان ڇڏرائڻ گهرجي، اعتماد جوڳي دوستن ??ي چهرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي چئي رهيا آهن ته ڪيستائين قرض وٺندا رهندا. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ??هي?? اسان جي حڪومت جي دور ۾ پنجاب ترقي ڪري رهيو هو، انسانن پاران پيدا ڪيل بحران سنگين آهن. هن چيو ته اسان پاڪستاني نوجوانن سان گڏجي مل?? جي تقدير بدلائينداسين، اهو وقت ايندو جڏهن پاڪستان جو هٿ وٺندڙ نه ڏيندڙ ٿيندو، اسان کي ڳالهين سان نه عمل سان ثابت ڪرڻو ??هي?? محنت سان ئي ڪاميابي ممڪن آهي. هن چيو ته اسان جي بزرگن جي قربانين سان پاڪستان وجود ۾ آيو، اسان 1971ع جي تاريخي سانحي مان سبق نه سکيو، اڄ اسان متحد ٿي وڃون، هڪ ٻئي کي طعنيٰ نه هڻون، معيشت جي ايجنڊا تي هڪ ٿي وڃون ته ڪير به اسان کي منزل حاصل ڪرڻ کان روڪي نه ٿو سگهي. شهباز شريف چيو ته دنيا ۾ حڪومتون بدلجنديون رهنديون آهن پر انهن جي قومي ايجنڊا تبديل ناهي ٿيندي، اسان کي پرڏيهي ۽ معاشي پاليسي تي هڪ ايجنڊا جوڙڻ گهرجي. هن چيو ته ڪجه ماڻهن چين بابت الزام بازي ڪئي اها محسن ڪشيءَ آهي ان سان چين جي دل آزاري ٿي. وزي??اع??م چيو ته پرڏيهي وزير ۽ مون چين کي يقين ڏياريو ته اهي وقتي ڳالهيون هيون، هاڻي ائين نه ٿيندو، چين مشڪل وقت ۾ اسان سان گڏ بيٺل ??هي?? چين، قطر ۽ سعودي عرب سميت ٻين دوست مل??ن مشڪل وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته مل?? مان بجلي جي اونداهي ختم ڪرڻ ۾ سي پيڪ جو اهم ڪردار ??هي?? اسان کي ڪنهن ٻئي کي وقتي طور تي خوش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي دوست کي نه وسارڻ گهرجي، متحد ٿي مل?? جو وڃايل مقام ڏيارينداسين ۽ ان کي عظيم بڻائينداسين. هن چيو ته تمام جلد پاڪستان جو نالو نه رڳو اسلامي دنيا پر عالمي دنيا ۾ بلند ٿيندو، سائي هلالي جهنڊي جي عزت ٿيندي. ان موقعي تي وزي??اع??م آذربائيجان جي سفير کي اسٽيج تي گهرائي ان جا آذربائيجان جي دوري دوران شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيندي چيو ته آذربائيجان سان سستي گئس فراهمي جو معاهدو ٿي ويو ??هي?? باڪو تمام خوبصورت شهر آهي. ان موقعي تي وزي??اع??م محمد شهباز شريف نيشنل انوويشن ايوارڊ ۾ حصو وٺندڙ باصلاحيت نوجوانن ۾ چيڪ ۽ ايوارڊز ورهايا. تقريب کي وزي??اع??م جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه خواجه پڻ خطاب ڪيو.
اسان کي قرضن مان جان ڇڏرائڻ گهرجي، چين سميت دوست ملڪن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria estadual