اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپور??شن کي فوتي ملازم جي پٽ کي نوڪري ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپور??شن فوت ٿيل ملازم جي پٽ کي وزيراعظم جي امدادي پئيڪج تحت مقرر ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر رضوان ا??له (شڪايت ڪندڙ) پاران داخل ڪيل درخواست منظور ڪري ورتي. هن چيو ته ايجنسي هڪ ٻئي فوتي ملازم جي پٽ کي وزيراعظم جي امدادي پئڪيج تحت نوڪري ڏئي چڪي آهي، ٻئي ملازم جو لاڏاڻو 2012ع ۾ اداري پاران پاليسي اختيار ڪرڻ کان اڳ ٿيو، ڪارپور??شن شڪايت ڪندڙ سان هڪ جهڙي سلوڪ کان ا??ڪار نه ٿي ڪري سگهي. صدر چيو ته رضوان ا??له جو والد (بختاور شاهه) ڪارپور??شن جو ملازم هو، سروس دوران 2009ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. شڪايت ڪندڙ فوتي ملازمن جي ٻارن جي ڪوٽا تي مقرري ج?? لاءِ درخواست ڏني، پر ڪو فائدو نه ٿيو. شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن شڪايت کي رد ڪري ڇڏيو. محتسب رد ٿيل فيصلي ۾ چيو ته والد جو لاڏاڻو 2009ع ۾ ٿيو، پئڪيج کي اداري پاران 2012ع ۾ اختيار ڪيو ويو، ان لاءِ پاليسي شڪايت ڪندڙ ت?? لاڳو نه ٿي ٿئي. بعد ۾ رضوان ا??له صدر کي محتسب جي حڪم جي خلاف درخواست داخل ڪئي جنهن کي قبول ڪيو ويو. صدر فيصلي ۾ قرار ڏنو ته وزيراعظم جو امدادي پئڪيج 2006ع ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي او ايم جي ذريعي جاري ڪيو ويو، 2006ع کانپوءِ وقت بوقت امدادي پئڪيج ۾ ترميمون ڪيون ويون. صدر چيو ته اداري جولاءِ 2012ع کان پئڪيج کي اختيار ڪيو پر واضح نه آهي ته 2006ع جو پئڪيج اختيار ڪيو يا ڪو ٻيو پئڪيج اختيار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن موجب سرڪاري ملازمن جا ٻار سول پوسٽن تي شروعاتي مقرري ج?? لاءِ عمر جي حد موجب ڪانٽريڪٽ نوڪري ج?? لاءِ درخواست ڏ??ي سگهن ٿا، وفاقي محتسب معاملي جي اهم رخن کي نظرانداز ڪيو، حڪمن کي رد ڪيو وڃي ٿو. صدر هدايت ڪئي ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپور??شن شڪايت ڪندڙ جي وزيراعظم جي امدادي پئڪيج تحت مقرري ج?? لاءِ جلد کان جلد ڪارروائي ڪري.
صدر پاران يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي فوتي ملازم جي پٽ کي نوڪري ڏيڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔