اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ا??رن??زيب چيو آهي ته دهشتگرد لڪي عدالت ايندا آهن، وقت پري نه آهي منهن لڪائي اچڻو پوندو، پوليس جو مٿو ڦاڙڻ، پيٽرول بم ا??لائڻ، جوڊيشل ڪمپليڪس تي هٿياربند جٿن جو حملو ٿيڻ کانپوءِ تنهنجي زال ڊڄي وئي؟ مريم نواز جي نيب س??ل ۾ ڪئميرا لڳائي پنهنجي موبائيل تي ڏسندو هئين، ان وقت شرم ۽ حياءَ هو؟ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم ا??رن??زيب چيو ته مريم نواز جي بيرڪن ۾ رات جو گهڙي آرڊر ڏيندي شرم آيو هو؟ شهباز شريف جي ڌيءَ جي گهر تي نيب کي حملو ڪرڻ جو حڪ?? ڏيندي شرم آيو؟ فريال ٽالپر کي عيد تي اسپتال ۾ گهلي آڻيندي ۽ مسجد نبوي ﷺ ۽ لنڊن ۾ مون تي حملو ڪرائيندي شرم آيو؟ پنڪي باجي کي هيري جون منڊيون وٺندي ڊپ ٿيو ۽ رڙيون نڪتيون هيون؟
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ