اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) شام جي زلزلي متاثرين جي امدا?? لاءِ 20 رڪني ميڊيڪل ۽ ريسڪيو ٽيمون امدادي سامان سان گڏ دمشق روانيون ڪري ڇڏيون. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب شام جي لاءِ موڪليل ا??دادي ٽيمن ۾ پمز مان 10 ڊاڪٽر، جڏهن ته سي ڊي اي جي 10 رڪني ريسڪيو ٽيم شامل آهي. ان کانسواءِ سرديءَ جي لاءِ 130 فيملي خيما ۽ 3966 ڪلوگرام دوائن تي ٻڌل ا??دادي کيپ به رواني ڪئي وئي آهي. شام جي لاءِ ٽيمن کي سيفران واري وفاقي وزير طلحيٰ محمود ۽ خصوصي صلاحڪار حامد حميد رخصت ڪيو. ريسڪيو ۽ ميڊيڪل ٽيمون پ?? آءِ اي جي خصوصي جهاز بوئنگ 777 جي ذ??يعي دمشق پهچنديون. ريسڪيو ٽيمون شام جي متاثر علائقن ۾ اربن سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺنديون.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس