اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته گلوبل وارمنگ عالمي مسئلو آهي ۽ ان جو عالمي سطح تي ئي نوٽيس وٺڻ گهرجي، پاڪستان سميت اسرندڙ مل??ن ۾ موسمياتي ت??ديلين جي اثرن سان انساني زندگين کي شديد خطرا آهن جن مل??ن جو عالمي گرمي پد ۾ اضافي جو سبب بڻجندڙ گئسن جي اخراج ۾ وڏو حصو آهي انهن کي ان سلسلي ۾ پنهنجي نظام تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن دنيا گلوبل وارمنگ جي معاملي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ موثر قدم نه کنيا ته صورتحال ضابطي کان ٻاهر ٿي ويندي، پاڪستان قصوروار نه هجڻ جي با??جو?? تازي ٻوڏ ۽ برساتن سان ٿيندڙ تباهي جي صورت ۾ هڪ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، عالمي برادري ان صورتحال جو ادراڪ ڪري. پارليامينٽ هائوس ۾ بين الپارلياماني يونين جي ايشيا پيسفڪ ريجن جي ٽئين سيمينار جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي هن ايشيائي مل??ن سان تعلق رکندڙ سمورن پارليامينٽرينز کي ڀليڪار چوندي چيو ته هي سيمينار پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۽ هزاريه ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قائم پارلياماني ٽاسڪ فورس جي اڻٿڪ ڪوششن سان منعقد ڪيو ويو آهي. هن بين الپارلياماني يونين جي صدر ورني پحپيڪو ۽ آءِ پي يو جي پوري ٽيم جا پڻ ٿورا مڃيا. هن چيو ته بين الپارلياماني يونين 1989ع ۾ قائم ٿي، هي ادارو عالمي پارلياماني برادري جو هڪ اهم فورم آهي، جيڪو دنيا ۾ موثر جمهوري نظام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هن سيمينار ۾ ايشيا پيسفڪ خطي سان تعلق رکندڙ پارليامينٽرينز 7 نمائندن کي خطي ۾ چئلينجز جي ڏس ۾ ٺوس ترقي جي ت??ور جهڙن موضوعن تي غور فڪر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته موسمياتي ت??ديلي، بک ۽ غذائيت جي کوٽ ن??جو??نن جي لاءِ معياري ت??ليم ۽ سمورن طبقن تائين صحت جي برابر سهولتن جي فراهم?? کي يقيني بڻائڻ جهڙن مسئلن جي حوالي سان سمورن پارليامينٽرينز کي موثر قانونسازي ۽ ٻيا اهم قدم کڻڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. هن چيو ته هي سيمينار اسان کي 2030ع تائين هزاريه ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قومي ۽ علائقائي حڪمت عملين جو نئين سر جائزو وٺڻ جو هڪ وقت سر موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته ڪوويڊ 19 جهڙي وبا جي ڪري پاڪستان سميت ٻين اسرندڙ مل??ن کي وڏي سماجي ۽ اقتصادي جهٽڪ?? کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته ان کانپوءِ موسمياتي ت??ديلي جي منفي اثرن کان متاثر ٿي مختلف خطن ۾ شديد سوڪهڙي جي صورتحال ۽ ڪجهه خطن ۾ شديد برساتن ۽ بوڏ جي صورتحال درپيش آهي. هن چيو ته پاڪستان ايشيا پيسفڪ مل??ن جي لاءِ هن اهم سيمينار جي ميزباني هڪ نازڪ موڙ تي ڪري رهيو آهيان ڇو ته رڳو ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي اترئين پهاڙن ۾ چوماسي جي شديد برساتن ۽ گليشيئرز جي پگهرڻ جي ڪري ٻوڏ آئي جنهن سان 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا ۽ 33 ملين ماڻهو بي گهر ٿيا اٽڪل 30 ارب ڊالر ماليت جي گهرن، رستن، ريلوي جي نظام، پلين، چوپائي مال ۽ فصلن جو نقصان ٿيو. هن سيمينار جي سمورن شرڪت ڪندڙن کي گذارش ڪئي ته اهي انساني سلامتي جي لاءِ هن سنگين عالمي موسمياتي ت??ديلي جي چئلينج تي پنهنجو ڌيان ڏين. هن چيو ته موسمياتي ت??ديليون پوري دنيا ۾ تباهي مچائي رهيون آهن، يورپ 500 سالن ۾ پنهنجي بدترين سوڪهڙ?? کي منهن ڏئي رهيو آهي، چين کي گرمي جي غيرمعمولي لهر درپيش آهي جنهن سان درياءَ ۽ ڍنڍون خشڪ ٿي ويون آهن جڏهن ته هڪ آمريڪي رياست جي شهرين کي چيو ويو آهي ته اهي گهر خالي ڪري ڇڏين ڇو ته هتي وڌيڪ ٻوڏ جو خطرو آهي، 2021ع جو موسمياتي ت??ديلي رسڪ انڊيڪس اهو ظاهر ڪري ٿو ته عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر ان جي با??جو?? موسمياتي بحران جو سڀ کان وڌيڪ خطرو رکندڙ مل??ن ۾ پاڪستان جو اٺون نمبر آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ??ي ت??زي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي هن ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو آهي. هن عالمي برادر?? کي مخاطب ڪندي چيو آهي ته اڄ پاڪستان کي اها صورتحال درپيش آهي سڀاڻي ان جي جڳهه ڪو ٻيو مل?? به ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته عالمي گرمي پد ۾ اضافي جي صورتحال تي عالمي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. هن ان موقعي تي جي 20 مل??ن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي قومي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي جي هدفن ۾ اضافو ڪن. هن چيوت ه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جهڙن موسمياتي خطرن ۾ ورتل مل??ن جي لاءِ قرضن کان ڇوٽڪاري جي نئين طريقيڪار جي ت??ين جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو آهي جنهن تحت هن مقروض مل??ن جي قرضن جي مٽاسٽا جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته مقروض قوم ٻاهرئين قرضن جي ادائيگي جاري رکڻ بدران پنهنجي ماحول جي منصوبن تي اها رقم خرچ ڪري انهن قرضن جي ادائيگي ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سڄي دنيا جي چونڊيل نمائندن کي ان معاملي تي فوري ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو آهي ته هي انصاف جو سوال آهي ته پاڪستان اها قيمت ادا ڪري رهيو آهي جنهن جو هو ذميوار ئي نه آهي. راجا پرويز اشرف چيو ته تازي ٻوڏ سان قيمتي انساني جانين جي ناقابل تلافي نقصان ۽ اسان جي بنيادي انفراسٽرڪچر جنهن ۾ رستن، گهرن، اسڪول ۽ بنيادي صحت مرڪزن جي ت??اهي شامل آهي، اها صورتحال اسان کان گهرج ڪري ٿي ته اسان ان سڄي نظام جي بحالي جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏيون. هن چيو ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي بين الپارلياماني يونين جي هڪ اهم ميمبر جي حيثيت سان جمهوري روايتن کي مستحڪم بڻائڻ ۽ پائيدار ترقياتي هدف 2030ع حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن چيو ته پارليامينٽ عوامي امنگن جو ترجمان هوندو آهي ۽ پارليامينٽ ميمبرن کي عوامي نمائندگي جي اختيارن کي استعمال ڪندي حڪومتن جي نگراني ۽ قانونسازي جي حوالي سان پنهنجي اختيارن کي استعمال ڪندي معاشري جي ڪمزور طبقن جي بهتري ۽ انساني آزادين کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اميد ڪريان ٿو ته هن سيمينار جي پڌرنامي ۾ قدرتي آفتن سميت معاشي ۽ اقتصادي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسرندڙ مل??ن جي لاءِ هڪ روڊ ميپ جوڙيو ويندو. هن چيو ته اسان بين الپارلياماني يونين جي صدر کي درخواست ڪئي آهي ته روانڊا ۾ ٿيندڙ آءِ پي يو جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي خصوصي ايجنڊا تحت اسرندڙ مل??ن جي معيشت تي موسمياتي ت??ديلين جي اثرن جي معاملي تي غور ڪيو وڃي. راجا پرويز اشرف چيو ته آءِ پي يو جي صدر اسان جي اها درخواست منظور ڪري ورتي آهي. ان کان اڳ پارلياماني قومي ٽاسڪ فورس جي ڪنوينر رومينه خورشيد عالم سيمينار ۾ مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته ڪوويڊ، موسمياتي ت??ديلي ۽ خطي جي ڇڪتاڻ جي ڪري ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ جي لاءِ صورتحال بدلجندي پئي وڃي، هن وقت پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ۾ مختف چئيلنجز درپيش آهن، ڪاربن جو اخراج، لکين ٻارن جو اسڪول کان ٻاهر هجڻ، بک، غربت، مختلف بيماريون اهڙا چئلينجز آهن جيڪي دنيا کي درپيش آهن. هن چيو ته جيڪڏهن هينئر اسان چئلينجزتي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪجهه قدم نه کنيا ته صورتحال مشڪل تر ٿي ويندي، چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ سمورن مل??ن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته موسمياتي ت??ديلي سان پاڪستان تمام گهڻو متاثر ٿيندڙ مل??ن ۾ شامل آهي، اڄ پاڪستان کي مشڪلاتون درپيش آهن سڀاڻي ڪنهن ٻئي مل?? کي اهڙي قسم جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، پر اسان ان وقت جو انتظار ناهي ڪرڻو ته ڪنهن ٻئي مل?? کي مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻو پوي. هن چيو ته اسان کي مشڪل حالتون اچڻ کان اڳ ان جي تياري ڪرڻ جي ضرورت آهي. قومي اسيمبلي جي ايڊيشنل سيڪريٽري شمعون هاشمي چيو ته موسمياتي ت??ديلين جي ڪري قدرتي آفتن سان دنيا کي شديد خطرو آهي ۽ اهي خطرا سرحدن کي نه ٿا ڏسن ان لاءِ عالمي سطح تي اسان سڀن?? کي گڏجي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. اجلاس ۾ سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ موسمياتي ت??ديلين سان ٿيندڙ تباهين تي ٻڌل دستاويزي فلم ڏيکاري وئي.
گلوبل وارمنگ عالمي مسئلو آهي ۽ ان جو عالمي سطح تي ئي نوٽيس وٺڻ گهرجي: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن