گلگت – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غيرآئيني قدمن جي مذمت لاءِ اڄ جمعي ڏينهن سڄي ملڪ وانگر گلگت بلتستان جي سمورن ضلعن ۾ به ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو وي??دو. گلگت بلتستان حڪومت ڪشمير استحصال ڏهاڙ?? جي موقعي تي مظلوم ڪشميرين سان يڪجهت?? جي اظهار لاءِ مختلف تقريبن جو خصوصي اهتمام ڪيو آهي. جڏهن ته ڪشميرين جي حمايت ۾ سڄي گلگت بلتستان ۾ ريليون ڪڍيون وينديون ۽ مظاهرا ڪيا ويندا جنهن ۾ هر طبقه فڪر جا ??اڻهو ڀرپور شرڪت ڪندا. ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙ پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي اهو پيغام ڏيندا ته پاڪستاني عوام خودمختيار?? جي ??ق لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۽ ڀ??رت?? فورسز جي ظلمن خلاف سدائين انهن سان گڏ بيٺل رهندي. ان موقعي تي سول سوسائٽي جون تنظيمون ڪشميري عوام جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سيمينارز ۽ ٻين تقريبن جو اهتمام ڪيو آهي. واضح رهي ته مود?? جي قيادت هيٺ ڀ??رت??ا جنتا پارٽ?? جي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي ڀ??رت?? آئين جي شق 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏيو هو جنهن تحت ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني وئي هئي.
اڄ جمعي ڏينهن سڄي ملڪ وانگر گلگت بلتستان جي سمورن ضلعن ۾ به ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ