اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زر??اري نار تعاون تنظيم (جي سي سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر نائف فلاح ايم الحجراف سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن تنظيم جو پاڪستان سان تعاون جي صورتحال جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ پرڏيهي ??عاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان به موجود هيون. پرڏيهي ??زير ۽ نار تعاون ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل جي سي سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان پاڪستان جي تعاون جي صورتحال جو جائزو ورتو. بلاول ڀٽو زر??اري ملاقات دوران پاڪستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ تاريخي رابطن، جاگرافيائي ويجهڙائي ۽ ثقافتي وابستگين جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان نار تعاون ڪائونسل جي ميمبر ملڪن سان ٻطرفي ۽ جي سي سي جي تناظر ۾ پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي ??زير ۽ سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي گڏيل ايڪشن پلان موجب اداره جاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ وڌيڪ رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي ڌرين پاڪستان – نار تعاون ڪائونسل فري ٽريڊ ايگريمنٽ تي جلد کان جلد ڳالهين کي مڪمل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ نار تعاون ڪائونسل جي وچ ۾ پراڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. نار تعاون ڪائونسل جي ميمبر ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا ??ڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي بنياد تي مضبوطي سان ڳنڍيل آهن.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي نار تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج