اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته آئين جي بالادستي ئي اسان ??ي منزل آهي، ڇو ته آئين رياست جي هر شهري کي بنيادي حق، جمهوريت ۽ سيڪيورٽي جي ضمانت ڏي ٿو، نفرت، انتشار جي سياست کي ڇڏي ملڪي مسئلن ک?? حل ڪرڻ ط??ف وڌڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه پارليامينٽ هائوس ۾ سبزه زار ۾ قائم يادگار جمهوريت تي حاضري جي موقعي تي چئي. هن چيو ته آئين جي تق??س کي برقرار رکڻ اسان ??ڀني جي اولين ذميواري آهي. هن چيو ته جمهوري قوتن جي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ جمهوري قوتن ک?? آمريت دوران ??ي پناهه مصيبتن ک?? منهن ڏيڻو پيو. آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ قربانيون ڏيندڙ گمنام هيروز کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. جمهوريت جي گمنام هيروز آئين جي تقدس جي لاءِ ڪوڙا کاڌا ۽ قيد جهڙيون مصيبتون برداشت ڪيون. آئين تي عملدرآمد ڪندي وفاقي اڪائين ک?? آئين ۾ ڏنل اختيارن ۽ شهرين جي بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻو پوندو. موجوده پارليامينٽ چئني صوبن سان گڏجي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اسان ک?? بحيثيت قوم پاڻ ۾ اختلافن ک?? وساري هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.
آئين جي بالادستي ئي اسان جي منزل آهي، ڇو ته آئين رياست جي هر شهري کي بنيادي حق، جمهوريت ۽ سيڪيورٽي جي ضمانت ڏي ٿو: اسپيڪر راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی