اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي وقتي صدر جمال ش??هه ڪ??ڪڙ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ار??ن جاري بيان موجب جمال ش??هه ڪ??ڪڙ وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪ کي واپس ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن وزيراعظم جي گذريل سالن ۾ نظرانداز ڪيل علائقن خاص طور تي بلوچستان جي ترقي کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائڻ جي هدايت کي خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ ترقي جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت بلوچستان جي باصلاحيت افرادي قوت کي ترقي جي هڪ جهڙن موقعن جي فراهمي يقيني بڻائيندي.
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل