اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه م??مود قريشي سان جمهوريه م??ر جي پرڏيهي وزير سامح حسن شڪري پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه م??مود قريشي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اج??اس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي مصري پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اج??اس اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان پنهنجي قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي. مخدوم شاهه م??مود قريشي وڌيڪ چيو ته م??ر خطي جو هڪ اهم ڀائر ملڪ آهي. هن چيو ته م??ري صدر عبدالفتاح السيسي جي قابل قيادت ۾ مصر جو سياسي استحڪام ۽ سلامتي طرف سفر خوشي جوڳو آهي. مخدوم شاهه م??مود قريشي چيو ته ٻنهي ملڪن جي عو??م گڏيل عقيدي ۽ ثقافتي وابستگين جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي. ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان موقف ۾ هم آهنگي اطمينان جو سبب آهي. مصر جي پرڏيهي وزير سامح حسن شڪري شاندار استقبال ۽ ??رخ??وص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه م??مود قريشي جا ٿورا مڃيا.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان جمهوريه مصر جي پرڏيهي وزير سامح حسن شڪري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا