اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن گذريل سال پنهنجي وچ ۾ ٿيڻ واري ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، و??يرا??ظم عمران خان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن پاران ڏنل ان بيان جي آجيان ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته حضور نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي اظهار آزادي جي راءِ نه پر مذهبي آزادي جي خلاف ورزي آهي، و??يرا??ظم چيو ته هو جنرل اسيمبلي کان پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن جي خلاف نفرت ڦهلائڻ واري معاملي کي تسلسل سان اجاگر ڪندو رهيو آهي ۽ ان جي سنگين اثرن جي حوالي سان دنيا کي آگاهه ڪندو رهيو آهي، و??يرا??ظم چيو ته روس سان گڏ پاڪستان جي ٻطرفا لاڳاپا بهتري طرف گامزن آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، اقتصادي لاڳاپا ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد پڄاڻي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ، اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا ۽ افغانستان بابت معاملن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو، و??يرا??ظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان علائقائي استحڪام لاءِ انتهائي اهميت جو حامل آهي. هن چيو ته افغانستان کي انساني ۽ اقتصادي چئلينج درپيش آهن، ۽ افغانستان جي عوام کي ان مشڪل مرحلي تي عالمي برادري جي تعاون جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم عمران خان افغان عوام جي سخت ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ افغانستان جا مالي اثاثا بحال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم چيو ته هو روسي صدر جي پاڪستان دوري ۽ پاڻ به مناسب وقت تي روس جو دورو ڪرڻ جو منتظر آهي.
وزيراعظم جي روس جي صدر سان ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil