اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان متبادل توانائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر جاپان جي سفير ڪونينوري ماتسودا سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ جاپ??ني ڪمپنين جي لاءِ سيڙ??ڪا??ي جا وسيع م??قعا موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان جاپان سان متبادل توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. جاپ??ني سفير پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ته ٽيوٽا ڪمپني پاڪستان ۾ هائبرڊ ڪارسازي جي شعبي ۾ وڏي سيڙ??ڪا??ي جو ا??اد?? رکي ٿي، ان کانسواءِ جاپان پاڪستان مان تربيت يافته اف??اد?? قوت حاصل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي، ان ڏس ۾ هڪ هزار انجنيئرز جا انٽرويو مڪمل ڪيا ويا آهن. جاپ??ني سفير چيو ته پاڪستان ۾ فوڊ پراسيسنگ پلانٽس لڳائڻ جي لاءِ جاپان جي ڪيترين ئي وڏين ڪمپنين گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. جاپ??ني سفير وڌيڪ چيو ته جائيڪا ملتان ۾ پاڻي جي نيڪالي جي نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ قدم کڻندي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳ??پن جي فروغ جي حوالي سان جاپ??ني سفير جي خدمتن کي ساراهيو ۽ جاپ??ني سفير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان جاپان سان متبادل توانائي سميت ٻين شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania