اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) قوم 74 هون آزا??ي جو ڏهاڙو اڄ ڇنڇر ڏينهن ملي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي، آزا??ي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ايوان صدر ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب ٿيندي، جڏهن ته سڀني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ به جهنڊو ڦڙڪائڻ جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. وفاقي گادي واري ??هر ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني ويندي. ان ڏينهن جي مناسبت سان صدر، وزيراعظم سميت اهم شخصيتن جا خصوصي پيغام جاري ڪيا ويندا. قائداعظم جي مزار ۽ اقبال جي مزار تي گارڊن جي تبديلي جون تقريبون به منعقد ٿينديون. سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ آزا??ي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ خصوصي تقريبن جو انعقاد ڪيو ويندو. جنهن ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني شامل ٿيندا. هي اهو ڏينهن آهي جڏهن پاڪستان 1947ع ۾ ان??لستان کان آزادي حاصل ڪري وجود ۾ آيو، 14 آگسٽ جو ڏينهن پاڪستان ۾ سرڪاري ??طح تي قومي ڏهاڙي جي طور تي وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو ويندو آهي، پ??ڪستاني عوام ان ڏينهن پنهنجو قومي جهنڊو هوا ۾ بلند ڪندي پنهنجي قومي محسنن کي خراج عقيدت پيش ڪندي آهي، پ??رليامينٽ هائوس سميت سڄي ملڪ جي اهم سرڪاري ??مارتن تي چراغان ڪيو ويو آه??، انهن تقريبن کانسواءِ نه رڳو ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس سميت اهم عمارتن تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويندو. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ??مارتن تي به قومي جهنڊو ڦڙڪائي رهيا آهن، آزا??ي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پرنٽ ميڊيا تي خصوصي اشتهار ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خصوصي پروگرام نشر ۽ ٽيلي ڪاسٽ ڪيا ويندا، سرڪاري ??ور تي آزا??ي جو ڏهاڙو انتهائي شاندار طريقي سان ملهائيندي اعليٰ عهديدار پنهنجي حڪومت جي ڪاميابين ۽ بهترين حڪمت عملين جو ذڪر ڪندي پنهنجي عوام سان اهو وچن ورجائيندا ته اسان پنهنجي تن، من ۽ ڌن جي بازي لڳائي به هن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪنداسين ۽ سدائين پنهنجي اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح جي قول ” ايمان، اتحاد ۽ تنظيم“ جي پاسداري ڪنداسين. 14 آگسٽ تي پاڪستان ۾ سرڪاري ??ور تي موڪل هوندي، آزا??ي جي ڏهاڙي جي موقعي تي واگها بارڊر تي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي رنگارنگ تقريب به منعقد ڪئي ويندي، آزا??ي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن، اسلام آباد جي سڀني روڊن تي قومي جهنڊن جي وڪري لاءِ اسٽالز لڳايا ويا آهن، جنهن سان اسلام آباد ۾ داخل ٿيندي ئي هر طرف قومي جهنڊن جي بهار نظر اچي رهي آه??، اهڙي طرح سڄي ملڪ ۾ سڀني ننڍن وڏن شهرن ۾ جشن آزا??ي جون تياريون پنهنجي عروج تي آهن، پ??ڪستان سان گڏوگڏ آزاد ڪشمير جا جهنڊا به اسٽالز تي موجود آهن، سي ڊي اي پاران به قومي جهنڊا لڳايا ويا آهن.
قوم 75 هون آزادي جو ڏهاڙو اڄ ملي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria