اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ افغانستان جي سفير نجيب الله علي خيل ملاقات ڪئي ڪنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، واپار جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي عوام اخوت، ثقافت ۽ تاريخ جي لا??وال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. پاڪستان افغانستان ۾ امن جي قيام لا??ِ افغان حڪومت ۽ عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، مستحڪم ۽ مضبوط افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي بهترين مفاد ۾ آهي، اسد قيصر چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت افغانستان سان وسيع النبياد واپار ۽ سيڙپڪاري کي ??روغ ڏيڻ چاهي ٿو. پاڪستان جي خواهش آهي ته سي پيڪ منصوبي مان افغانستان فائدو حاصل ڪري، سي پيڪ منصوبو خطي ۾ معاشي ۽ اقتصادي ترقي لا??ِ گيم چينجر منصوبو ثابت ٿيندو. جاگرافيائي اعتبار سان افغانستان وچ ايشيا جي لا??ِ گيٽ وي جي حيثيت رکي ??و، پاڪ افعان واپار ۽ سيڙپڪاري لا??ِ قومي اسيمبلي پاڪ – افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي جوڙيل سفارشن تي عملدرآم?? ٿي رهيو آهي، افغان شاگردن ۽ مريضن جي لا??ِ ويزه پاليسي ۾ نرمي سان افغان عوام پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم جي سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهندي، افغان واپارين لا??ِ ڊگهي مدي واري ويزا جاري ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن ۾ واپاري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان افغانستان جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد