اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر ش??لي فراز ۽ چوڌري فواد حسين سينيٽ اليڪشن هارائڻ کانپوءِ ملڪ ۽ رياست جي خلاف بيان بازي ج?? مذمت ڪندي چيو آهي ته سياسي لاوارثن حڪومت جي خلاف مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، الطاف حسين ۽ نواز شريف جي سياست هڪ جهڙي آهي، الطاف حسين بڻجڻندڙن کي ان جي انجام جي به خبر هجڻ گهرجي، قومي احتساب بيورو (نيب) خودمختيار ادارو آهي پر اس??ن ۽ پاڪستان جي عوام چاهي ٿي ته نيب جيڪو به ڪيس شروع ڪري ٿي ان کي منطقي انجام تائين پهچائي، مريم ۽ بلاول کي سياست جو ڪو تجربو نه آهي، مخالف ڌر سياسي نابالغن جي هٿن ۾ پنهنجي سياست گردي نه ڪري، مخالف ڌر جو لانگ مارچ به ميثاق جمهوريت جي آرٽيڪل 21 جي خلاف ورزي آهي، مخالف ڌر لانگ مارچ بدران اس??ن جو مينڊيٽ تسليم ڪندي چونڊ سڌارن ۽ قانونسازي ۾ اس??ن جو ساٿ ڏي، مخالف ڌر سان ڪرپشن کانسواءِ هر معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. هو پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا. وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو ته ڪورونا وبا جي شدت هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي رهي آهي، 3 هزار کان وڌيڪ ڪيسز رڪارڊ ڪيا پيا وڃن، وبا جي گذريل لهر ۾ حڪومت جي حڪمت عملي تمام گهڻي ڪامياب رهي، وبا جي لاءِ احتياطي تدبيرون ڪرڻ تمام ضروري ٿي ويون. هن چيو ته ويڪسين جو پهريون مرحلو جاري آهي، فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز ۽ 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي شهرين کي ويڪسين ملي رهي آهي. وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو ته معيشت اهڙي فيز ۾ داخل ٿي وئي آهي ج??هن ۾ اس??حڪام آيو آهي، ڪاروبار مثبت رفتار سان مٿي وڃي رهيو آهي. هن چيو ته ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو، حياتي کان وڌيڪ پياري ڪا شيءَ نه آهي. هن چيو ته سياسي لاوارث ماڻهن هڪ مهم شروع ڪئي آهي، وزيراعظم تي اعتماد جي ووٽ سان انهن کي مايوسي ٿي جڏهن ته سينيٽ اليڪشن ۾ به انهن کي شڪست کي منهن ڏيڻو پي??، مخالف ڌر پنهنجي سياسي موت ڏسي رهي آهي. شبلي فراز چيو ته پي ڊي ايم هڪ اهڙو ڳٺ آهي ج??هن جو پاڻ ۾ ڪو جوڙ نه ٿو بڻجي، اس??عيفائن ۽ لانگ مارچ تي انهن ۾ اختلاف سامهون آيا، سينيٽ جي اليڪشن ۾ اهو ئي ثابت ٿيو ته (ن) ليگ ۽ پي??لزپارٽي مولانا فضل الرحمان جي پٺيءَ ۾ ڇڙو گهونپيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان حڪمت عملي تحت روزگار ۽ انساني جانين ٻنهي کي بچايو، اس??ن جي ڪاميابين کي دنيا ساراهيو آهي. اهڙي قسم جي بحرانن ۾ قيادت جي خبر پوندي آهي، عالمي وبا ڪوويڊ 19 ۾ وڏيون وڏيون معيشتون تباهه ٿيون آهن پر اس??ن جي ڪامياب حڪمت عملي جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن. هن چيو ته پنجاب حڪومت ويڪسينيشن ۾ ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي ج??هن تي هو مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته ڪورونا جي ڪري ٻارن جي تعليمي سال تي خراب اثر پي?? آهي، اس??ن جي حڪمت عملي هئي ته زندگين ۽ روزگار وانگر تعليم به متاثر نه ٿئي، ان ۾ ڪجهه حد تائين ڪاميابي ٿي آهي، اس??ن جو تعليم وارو وزير ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي ته آن لائين تعليم کي ملڪي سطح تائين ڦهلايو وڃي، تعليم واري وزارت ان تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.
سينيٽ اليڪشن هارائڻ کانپوءِ ملڪ ۽ رياست جي خلاف بيان بازي جي مذمت ڪريون ٿا: شبلي فراز/ چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا