اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل افتخار بابر چيو آهي ته ڀا??تي پائليٽ اڀي نندن جي آزادي کي ڪنهن ٻي شيءَ سان جوڙڻ انتهائي گهمراه ڪندڙ آهي، اها شيءَ ڪنهن به پاڪستاني لاءِ قابل قبول نه آهي، پلوامه واقعي ۾ ڀا??ت کي نه رڳو منهن جي کائڻي پئي پر پوري دنيا ۾ خواري به کنئي، دشمن جا جهاز جيڪو بارود پاڪستان جي عوام تي ڪيرائڻ آيو هئا اهي خالي جبلن تي اڇلي هليا ويا، پاڪستان اعلانيه هندستان کي ڏينهن جي روشني ۾ جواب ڏنو، دشمن جا 2 جهاز ڪيرايا، پائليٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪيو ويو، الله جي نصرت سان اسان کي هندستان جي خلاف واضح فتح نصيب ٿي ۽ پوري قوم جو سر فخر مان بلند ??يو?? پاڪستان جي فتح کي سڄي دنيا ۾ به تسليم ڪيو ويو. هو آءِ ايس ??ي آر ڊائريڪٽوريٽ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر