اسلام آباد – 26 جولاءِ (ا?? پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ??ال??ي برادري ڪشميرين کي انهن جو بنيادي حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، مودي جي فاشسٽ حڪومت ڪشميرين کي انهن ج?? پيدا??شي ۽ گڏيل قومن جي مڃيل ريفرنڊم جي حق کان طاقت جي زور تي محروم ڪري ??کيو آهي، ڪشميري ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ سازشن جي خلاف جدوجهد ڪري ??هيا آهن. ا?? پي پي کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ هن چيو ته ڀارت پاران ڪشمير ۾ غيرانساني سلوڪ ان ڳالهه جو گهرجائو آهي ته ??ال??ي برادري هاڻي خر??وش جي خواب مان بيدار ٿئي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن ڪشمير جي تاريخ ۾ هڪ ٻيو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڪشميرين جي خاص حيثيت جو خاتمو ڪيو. معصوم ڪشميرين جو فوجي گهيراءُ، تشدد، بدترين ڪرفيو ۽ ماڻهن جي قتل سان ڪشميرين جون زندگيون بدترين صورتحال ۾ ورتل آهن. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري ??کندو.
عالمي برادري ڪشميرين کي انهن جو بنيادي حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: علي امين گنڊاپور
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز