اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي جي ڪنهن حڪومت م??حو??ياتي تبديلين جي حوالي سان ڳڻتي ظاهر نه ڪئي، پهرين حڪومت آهي جنهن م??حو??ياتي تبديلين جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن، شهرن جي پکيڙڻ بدران اسان گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير ڏانهن وينداسين، حڪومت ۾ اچڻ اڳ منهنجو اهو عزم هو ته اقتدار ۾ اچي م??حو??ياتي تبديلي اولين ترجيح هوندي، اهو ئي سبب آهي جو خيبرپختونخوا ۾ 2013ع ۾ حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ اسان بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو، ان منصوبي جي آغاز دو??ان معلوم ٿيو ته ٽمبر مافيا هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن تي ڪا به جهل پل نه آهي، 10 گا??ڊ ان مافيا جي هٿان ماريا ويا، گذريل 10 سالن ۾ لاهور ۾ 70 سيڪڙو وڻ وڍيا ويا، اهو ئي سبب آهي جو لاهور آلوده ترين شهر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ ٽن ڏينهن واري ستين ايشيائي علائقائي ڪنزرويشن ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو.
اڳ ۾ ڪنهن حڪومت ماحولياتي تبديلين بابت ڳڻتي ظاهر نه ڪئي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ریل رش