اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ پاڪستان ۾ 20 ارب ??الر جي سيڙپڪاري جي معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن، اسان گڏيل ترقي ۽ ا??تحڪام جي لاءِ ڪم ڪنداسين، پاڪستان ۽ سعودي عرب ??ڏجي علائقائي ۽ خطي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ولي عهد بڻجڻ کانپوءِ سڀ کان پهريون دورو مون پاڪستان جو ڪيو آهي، يقين آهي ته مستقبل ۾ پاڪستان اهم ملڪ بڻجي اڀرندو ۽ ا??ان کي گڏجي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. وزيراعظم عمران خان پاران وزيراعظم هائوس ۾ سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان ڀائر ۽ دوست ملڪ آهن جي??ي مشڪل حالتن ۾ سدائين گڏ رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری