اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب شهباز شريف سان ساڙ توهان کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيندو، شهباز شريف ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي ان لاءِ ??يبرپختونخوا جي ماڻهن کي به شهباز شريف جهڙو وڏو وزير گهرجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پنجاب ۾ مٽرو بس، اورينج ٽرين، بس سروس، زمين کان مارڪيٽ تائين رستن جي تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڏسي شرم ته ايندو هوندو، هن چيو ته عمران صاحب پنجاب ۾ 36 ضلع هيڊڪوارٽرز اسپتالن کي جديد بڻايو ويو آهي، اسپتالن ۾ ب??او??پور اسپتال، طيب اردوان اسپتال مظفر ڳڙهه، چلڊرين اسپتال فيصل آباد، ملتان ڪڊني سينٽر، راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالو??ي، شاهدره ٽيچنگ اسپتال، برن سينٽر ملتان، سرجيل ٽاور لاهور، ميو اپستال ۽ پنجاب جي نئين ٽيچنگ اسپتالن جو دورو ڪريو.
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ