اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم ا??رن??زيب چيو آهي ته 256 صفحن تي ٻڌل جي آءِ ٽي رپورٽ پاڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته نواز شريف جي پنجن حڪومتي دورن ۾ رياست جي هڪ پئسي جي ڪرپشن، گهپلو ۽ ڪميشن نه ورتي وئي. هو پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ ايم اين اي د??نيال عزيز سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي. مملڪتي وزير مريم ا??رن??زيب چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ اچڻ کانپوءِ اهو گوڙ ٿي رهيو آهي ته وزيراعظم استعيفيٰ ڏي ۽ اهو تا??ر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته شايد اهو عوام جو آواز ۽ خواهش آهي، حقيقت ته اها آهي ته هن ملڪ جي عوام نواز شريف سان گڏ آهي ۽ محمد نواز شريف به عوام جو آواز آهي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم ۽ عوام جي ڪري وزيراعظم محمد نواز شريف ٽيون ڀي??و وزيراعظم چونڊيو آهي.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ