پوگس (تاجڪستان) – 06 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان?? ڪرغزستان، افغانستان ۽ تاجڪستان جا اڳواڻ تاجڪ گادي واري شهر دوشنبي کان اٽڪل 36 ڪلوميٽر پري درياءَ جي ??نا??ي تي سرسبز شاداب واديءَ ورزوب جي پرفضا مقام تي هڪ ٻئي سان مليا ۽ پنهنجي لاڳاپن ۾ گرمجوشي جي اظهار لاءِ ان خوشگوار ماحول مان فائدو کنيو. وزيراعظم محمد نواز شريف کانسواءِ افغان صدر اشرف غني، ميزبان تاجڪ صدر امام علي ر??ما??وف ۽ ڪرغزستان جي وزيراعظم سوران بي جين بيڪوف ڪاسا 1000 چار ملڪي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن