اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان انتهاپسندي جي خلاف گڏجي ڪم ڪندا، پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قوم ده??تگردي جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي ۽ ده??تگردي هاڻي ٻيهر ڪنڌ کڻي نه سگهندي. صدر اها ڳالهه ايوان صدر ۾ ازبڪستان جي نائب وزيراعظم الغ بيگ رزاقولوف سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ازبڪستان جي سفير کانسواءِ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي اعليٰ وفدن پڻ شرڪت ڪئي. صدر شوڪت مرزائيف کي ازبڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد جو اظهار ڪيو ته سندس حڪومت جي دور ۾ به پاڪ ازبڪ لاڳاپا بلندين تائين پهچندا.
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا