اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) ناڻي وا??ي وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته سينيٽ مان مليل 139 مان 86 سفارشن کي مڪمل يا جزوي طور تي منظور ڪيو ويو آهي، سرڪاري ملازمن کي 16 -2015ع ۾ ڏنو ويندڙ 7.5 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف ??نيادي پگهارن ۾ ضم ڪيو پيو وڃي اهڙي طرح ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ 3 ايڊهاڪ رليف ??نيادي پگهارن ۾ ضم ٿيندا، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث سهيڙيندي ناڻي وا??ي وزير اسحاق ڊار چيو ته بجيٽ جي قومي مع??شت تي ڏور رس اثر پيا آهن، بجيٽ پاليسي ۾ ميمبرن جي تجويزن تي تبديليون ڪندا رهيا آهيون، مخالف ڌر جي مثبت تجويزن کي نظر ۾ رکندي ڪوشش ڪنداسين ته ان ۾ تبديليون ڪريون. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت نواز شريف ??ي رهنمائي ۾ وسيع تر اتفاق راءِ پيد?? ڪرڻ جي لاءِ ٽن سالن ۾ ڪوششون ڪيون.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ