واشنگٽن-10 جنوري(اي پي پي)دنيا جي امير ترين شخص ايل??ن مسڪ جرمني جي کاٻي ڌر جي پارٽي الٽرنيٽيو فار جرمني (اي ايف ڊي) لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب هڪ ڀ??رو ٻيهر يورپي سياست ۾ مداخلت ڪندي ايڪس تي لائيو اسٽريم دوران ايل??ن مسڪ اي ايف ڊي جي اڳواڻ ايليسا وائڊل ??ي حمايت ڪئي آهي. ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي سربراهه ۽ نئين چونڊيل آمريڪي ص??ر ڊونلڊ ٽرمپ جي اتحادي ايليسا وائڊل سان ڳالهين دوران چيو ته صرف اي ايف ڊي جرمني کي بچائي سگهي ٿي. هن چيو ته ماڻهن کي اهڙي سيا??ي پارٽي ??ي حمايت ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ جرمني ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون. ايل??ن مسڪ گذريل سال ڊونلڊ ٽرمپ کي چونڊن ۾ ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پنهنجي اثر رسوخ ۽ دولت جو استعمال ڪيو هو ۽ هاڻي 23 فيبروري تي جرمني ۾ وقت کان اڳ ٿيندڙ چونڊن ۾ اي ايف ڊي لاءِ آواز اٿاري رهيو آهي. واضع رهي ته هن ايلسيا وائڊل کي مشهور شخصيت قرار ڏيندي جرمن ووٽرز کي تجويز ڏني ته اي ايف ڊي کي ووٽ ڏين. اي ايف ڊي 2013 ۾ قائم ٿي هئي ۽ اڳوڻي ڪميونسٽ اوڀر جرمني جي مشهور سيا??ي پارٽي هئي.چونڊن کان اڳ ان پارٽي کي اٽڪل 20 سيڪڙو جي سرسي حاصل آهي جڏهن ته ٻين سيا??ي پارٽين ان کي اتحادي پارٽنر طور رد ڪري ڇڏيو آهي. جرمني جي گهرو انٽيليجنس سروس،اي ايف ڊي کي کاٻي ڌر جي انتها پسند تنظيم سمجهي ٿي.جرمن چانسلر اولاف شولز ۽ برطانوي ڪيئر اسٽارمر سميت يورپ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي يورپ ۾ ايول??ن مسڪ خلاف شديد ڪاوڙ موجود آهي.
ايلون مسڪ پاران جرمني جي کاٻي ڌر جي پارٽي اي ايف ڊي جي حمايت جو اعلان
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados