واشنگٽن -04 نومبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ توانائي، زرعي ۽ غذائي شين جي قي??تن ۾ جاري ۽ ايندڙ سالن دوران گهتتائي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي ”ڪموڊٽي مارڪيٽس آئوٽ لڪ“ جي نالي سان جاري تازي رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ موجب جاري سال دور??ن برينٽ تيل جي سراسري قي??ت 80 ڊالر في بيرل، 2025ع ۾ 73 ڊالر ۽ 2026ع ۾ 72 ڊالر في بيرل رهڻ جو امڪان آهي. جيو پوليٽڪل تڪرار خاص ڪري وچ اوڀر جي صورتحال سبب تيل جي قي??تن ۾ اضافي جو خدشو آهي، جڏهن ته رس?? ۾ اضافي ۽ اقتصادي استحڪام کي نظر ۾ رکندي تيل جي قي??تن ۾ ڊگهي عرصي تائين گهٽتائي جو امڪ??ن به آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2025ع ۾ ڪچي تيل جي روزانو رس?? 105 ملين بيرل تائين ٿيڻ جو امڪان آهي جيڪو جاري سال جي ڀيٽ ۾ 2 ملين بيرل روزانو وڌيڪ آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته زرعي جنسن جي قي??تن ۾ استحڪام جي اميد آهي، 2024ع کان پوءِ ايندڙ ٻن سالن ۾ زرعي جنسن جي قي??تن ۾ 4 سيڪڙو تائين گهٽتائي جا امڪان آهن. سازگار موسمي حالتن ۽ پيداوار ۾ اضافي سبب کاڄرو تيل جي قي??تن ۾ به گهٽتائي جي اميد آهي، ان جي ابتڙ چاڪليٽ ۽ ڪافي جهڙين مصنوعات جون قي??تون بلند رهڻ جو امڪ??ن به آهي. عالمي بئنڪ جي اڳڪٿي مطابق ڌاتن جون قي??تون ايندڙ 2 سالن ۾ مجموعي طور مس??حڪ?? رهڻ جڏهن ته لوهه جي قي??تن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.
توانائي، زرعي ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ جاري ۽ ايندڙ سالن دوران گهٽتائي جو امڪان آهي: عالمي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس