گڏيل قومون-29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڀا??ت کي جديد هٿيارن ۽ حساس ٽيڪنالاجيز جي مسلسل فراهمي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته ??ي عمل ڇڪتاڻ سبب متاثر خطي ۾ عدم استحڪام ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي. پاڪستاني نمائندگي گل قيصر جنرل اسيمبلي جي هٿيارن جي خاتمي ۽ عالمي سلامتي ڪميٽي کي ٻڌايو ته ??ڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا تڪرارن ۾ گهريل آهي، جڏهن امن جي قيام جي ڪوششن کي هٿي ڏيڻ لاءِ تعاون جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، ڪجهه رياستون پرامن حل تلاش ??رڻ تي جنگن جي مالي حمايت کي ترجيح ڏين ٿيون. هن چيو ته ??ٿيارن جي واپار جي عالمي معاهدي (اي ٽي ٽي) جهڙين ڪوششن روائتي هٿيارن کي ريگوليٽ ??رڻ ۾ رڳو محدود ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان مشن ۾ قونصلر گل قيصر روايتي هٿيارن تي بحث دوران ڳالهائيندي چيو ته انساني، قانوني ۽ سلامتي جي تحفظن جي بنياد تي هٿيارن جي منتقلي جو جائزو وٺڻ تي ڀرڻ باوجود حقيقت بلڪل واضح آهي ته جديد هٿيارن سان غير مستحڪم علائقن ۾ اڪثر تڪرار ايتري تائين جو نسل ڪشي سميت ڏوهن ۾ به اضافو ٿيندو آهي. پاڪستان نمائندي چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ رياست کي جديد هٿيارن ۽ حساس ٽيڪنالاجي فراهم ڪئي پئي وڃي، ان حقيقت باوجود ته ??و پنهنجي پاڙيسرين خلاف مخالفاڻيون پاليسيون رکي ٿو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترن ئي ٺهرائڻ جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو. هن چيو ته ??اڪستان، پنهنجي طرفان ڏکڻ ايشيا ۾ تحمل جو مظاهرو ڪندڙ هڪ اسٽريٽجڪ رجيم جي قيام لاءِ پرعزم آهي جنهن ۾ روايتي طاقت جي توازن جو عنصر شامل آهي. هن چيو ته ??اڪستان خطي ۾ نه ته ??ٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل آهي ۽ نه ئي هو ان ڊور ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو. هن هٿيارن جي واپار کي هٿي ڏيڻ وارن سببن کي حل ??رڻ تي به زور ڀريو. پاڪستاني نمائندي چيو ته ??يٿل آنانمس ويپن سسٽمز (ايل اي ڊبليو ايس) جهڙا قاتل روبوٽس به چيو وڃي ٿو پر ڪم کي هڪ نئين پروٽوڪول ذريعي عالمي قانونن تيار ??رڻ جي مقصد سان گڏ جاري رکڻ گهرجي جيڪو خودمختيار هٿيارن جي نظام کي ڪنٽرول ??رڻ ۽ عالمي انساني همدردي جي قانون (آءِ ايڇ ايل) ۽ سي سي ڊبليو جي مقصدن ۽ مقصدن سان گڏوگڏ هڪجهڙائي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ خودمختيار هٿيارن جي نظام کي ڪنٽرول ڪندڙ قدمن کي بيان ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي فوجي صلاحيتن ۾ مصنوعي ذهانت ۽ خودمختيار هٿيارن جي نظام جي استعمال سان لاڳاپيل وسيع خدشن کي ختم ??رڻ تي زور ڀريندي چيو ته ??ي مسئلا عالمي انساني همدردي جي قانون (آءِ ايڇ ايل) کان به اڳيان آهن ۽ فوري عالمي ڌيان جي ضرورت آهي.
پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ناهي ۽ نه ئي شامل ٿيڻ چاهي ٿو: پاڪستاني نمائندو
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر