بيروت _ 29 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا سميت نيٽو جي ڪيترن ميمبر ملڪن لبنان ۾ موجود پنهنجن شهرين کي چي?? آهي ته اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ امڪاني طور تي ڀرپور جنگ کي نظر ۾ رکندي فوري طورتي ملڪ ڇڏي ڏين. ڇنڇر تي اسرائيل جي قبضي هيٺ گولان جي جبلن واري شهر مجدان شمس ۾ راڪيٽ حملي ۾ 12 ماڻهن مارجي وڃڻ بعد خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي. اسرائيلي ڊيفنس فورسز دعوى ڪئي آهي ته اهو ايراني ساخت جو ميزائل هو جنهن کي حزب الله ڏکڻ لبنان مان فائر ڪ??و هو پر حزب الله ان حملي ۾ ملوث ٿيڻ کان انڪار ڪ??و. بيروت ۾ آمري??ي سفارتخاني طرفان جاري ايڊوائزري ۾ آمريڪي شهرين تي زور ڏنو ويو آهي ته هو لبنان جي سفر ??ي سخ??ي سان نظر ثاني ڪن ڇو جو ملڪ ۾ سيڪيورٽي صورتحال خراب ??ي وئي آهي ۽ تيزي سان تبديل ٿي سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ