پئرس-31 مئي (اي پي پي) فرانس جي پارليامينٽ ۾ فلسطين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ تي پاب??دي کي منهن ڏيندڙ انتهائي کاٻي ڌر جي پارٽي ”فرانس انبوڊ“ جي پارليامينٽ ميمبر سيبا سٽين ڊيلوگو چيو آ??ي ته هو قومي اسيمبلي جي قاعدن جي پاب??دي بدران تاريخ کي درست رخ تي ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو. اردو ن??وز موجب پارليامينٽ جي هيٺين ايوان جي اجلاس دوران فلسطين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ تي کاٻي ڌر جي پارٽي ”فرانس انبوڊ“ (ايل ايف آءِ) جي ميمبر سيبا سٽين ڊيلوگو جي ٻن هفتن لاءِ ميمبرشپ معطل ڪئي وئي آهي. هن فلسطين جي حق ۾ مظاهري ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ رائٽرز کي ٻڌايو ته اهو پهريون ڀيرو آ??ي ته ڪنهن ٻئي ملڪ جو جهنڊو اسيمبلي ۾ ڦڙڪايو ويو آهي، پر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان کي نظر ۾ رک??دي هي بلڪل درست قدم کنيو آهي. اوهان ڏسو ٿا ته روم سمنڊ جي ٻئي پاسي اسان جهڙن ئي ماڻهن جو قتل عام ٿي رهيو آهي، کاٻي ڌر جي پارٽي فرانس انبوڊ فلسطينين جي حقن لاءِ آواز اٿاري رهي آهي ۽ ان مسئلي کي 9 جون تي يورپين پارليامينٽ لاءِ ٿيندڙ چونڊ مهم جو مرڪزي حصو بڻايو آهي. ايل ايف اي جي ڪجهه اڳواڻن ان تي يهود دشمني جو الزام لڳايو آهي پر پارٽي انهن الزامن کي رد ڪري ٿي. فرانسيسي صدر ايڪس تي جاري بيان ۾ رفح کي پناهگير ڪيمپ تي اسرائيل جي حملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪ??دي چيو ته هي آپريشن بند ٿيڻ گهرجي تنهن هو??دي به سيبا سٽين ڊيلوگو جو چوڻ آ??ي ته حڪومت ان آپريشن کي روڪرائڻ لاءِ ڪافي ڪوشش نه ڪري رهي آهي. هن چيو ته هو غزه ۾ جاري قدمن تي فرانس کي به قصور وارو بڻائينداسين ڇاڪاڻ ته فرانس هن وقت تائين اسرائيل کي هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي جنهن جو مطلب آ??ي ته فرانس ان قتل عام ۾ شريڪ آهي، ان کان اڳ فرانس جي دفاع واري وزير چيو ته فرانس اسرائيل کي هٿيار موڪلڻ بند نه ڪندو، خيال ر??ي ته فرانس جي پارليامينٽ جي قاعدي موجب پارليامينٽ ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ تي پاب??دي آهي.
پارليامينٽ ۾ فلسطين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ غزه ۾ قتل عام خلاف احتجاج هو: فرانس جو پارليامينٽ ميمبر
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری