ڪاراڪاس -17 اپريل (اي پي پي)وينزويلا ??يڪ??اڊور ۾ پنهنجو سفارتخانو ۽ قونصل خانو بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو 5 اپريل تي ??يڪ??اڊور جي پوليس طرفان ڪويٽو ۾ ميڪسيڪو جي سفارتخاني تي ڇاپي جي جواب ۾ ??يڪ??اڊور ۾ ملڪ جو سفارتخانو ۽ قونصل خانو بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وينزويلا جي صدر چيو ته ان فيصلي جو محرڪ ??يڪ??اڊور جو صدر ڊينيئل نوبوا جا تازا بيان آهن جنهن جو چوڻ هو ته هو ??يڪ??اڊور جي اڳوڻي نائب صدر جارج گلا?? جي گرفتاري لاءِ ميڪسيڪو جي سفارتخاني تي ڇاپي تي افسوس نه ڪندو، جنهن کي ميڪسيڪو سياسي پناهه ڏني هئي. هن چيو ته وينزويلا جي سفارتي اهلڪار ??يڪ??اڊور واپس ??ه ويندو جيستائين سندس ملڪ ۾ عالمي قانون واضح طور بحال نه ٿيندو. هن چيو ته وينزويلا ??يڪ??اڊور جو گڏيل قومن مان ڪڍڻ لاءِ ميڪسيڪو جي ت??وي?? جي مڪمل حمايت ڪري ٿو جيستائين هو عالمي برادري کان معافي ن?? گهرندو ۽ صورتحال کي سندس اصل قانوني حيثيت تي بحال نه ڪندو.
وينزويلا طرفان ايڪواڊور ۾ پنهنجو سفارتخانو ۽ قونصل خانو بند ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی