عمان – 26 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته فلسطيني پناهگيرن لا??ِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي انروا سان سهڪار جاري رکيو ويندو. سيڪريٽري جن??ل انروا تي لڳاتار اسرائيلي ??لزامن ۽ حملن کان پوءِ ان اداري جي حوالي ??ان اردن جي گادي واري هنڌ عمان ۾ پريس ڪانفرنس ۾ انهن ملڪن کان مطالبو ڪيو جن انروا جي فنڊنگ روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته هو پنهنجي موقف کان پوئتي هٽي وڃن. هن عمان ۾ واقع وحدت مهاجر ڪيمپ جو دورو پڻ ڪيو. عالمي اداري جي سربراهه چيو ته انروا نهايت ڏکين حالتن ?? ڪم ڪري رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته امدادي اداري خلاف الزامن جي جاچ جاري آهي ۽ انروا جي مالي ??هڪار بند ڪرڻ وارن ڪجهه ملڪن پنهنجو فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪجهه ملڪ جاچ نتيجن جا منتظر آهن. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته انروا کي ٻيهر مالي ??هڪار فراهم ڪرڻ شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته ايجنسي غزه ۾ شهرين جي زندگي مهيا ڪرڻ جو هڪ اهم رستو آهي ۽ اسان ان کي مضبوط بڻائڻ جون ڪوششون جاري رکنداسين.
انروا سان سهڪار جاري رکيو ويندو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر