گڏيل قومون- 08 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن چ??و آهي ته جنگن جي سڀ کان وڌيڪ قيمت عورتون ادا ڪري رهيون آهن پر پوءِ به سفارتي محاذ تي سندن نمائندگي تمام گهٽ آهي. سعودي عرب جي ميڊيا رپورٽن مطابق عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي عورتن واري شعبي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيماباهوس عالمي برادري ک?? سڄي دنيا جي عورتن جي تحفظ ۽ حقن جي فراهمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪ??و آهي. هن افغانستان جي حوالي سان ٻڌ??يو ته اتي عورتن تي يونيورسٽين ۽ پارڪن ۾ وڃڻ ??ي پابندي آهي جڏهن ته نوڪرين مان به ڪڍيو و??و آهي. روس – يوڪرين تڪرار جي حوالي سان چيو ته جنگ سبب 80 لک يوڪرين جي شهرين کي پن??نجو ملڪ ڇڏڻو پ??و آهي جن ۾ 90 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار آهن جڏهن ته جيڪي ماڻحو پن??نجي ئي ملڪ اندر بي گهر ٿيا آهن انهن مان به 70 سيڪڙو عورتون آهن. هن عالمي اڳواڻڻ تي زور ڀريو ته اهي سال 2000ع ۾ منظور ٿيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي تاريخي ٺهرائن مطابق ڪم ڪن، جن۾ تڪرارن جي حل ۽ عورتن جي حقن لاءِ زور ڀريو و??و آهي.
جنگن جي سڀ کان وڌيڪ قيمت عورتون ادا ڪري رهيون آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں