نئين دهلي-26 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارت پنهنجي اولهندي سمنڊ ويجهو واپاري سامونڊي جهاز ايم وي ڪيم پلوٽو تي مبينه ڊرون حملي بعد عربي سمنڊ ۾ 3 جنگي جهاز بيهاري ڇڏيا آهن. اين ڊي ٽي وي جي رپورٽ مطابق ان کان اڳ ڀارتي سامونڊي فوج جي ڌماڪيدار مادي کي ناڪارا بڻائيندڙ ٽيم لائبيريا ?? رجسٽرڊ ايم وي ڪيم پلوٽو جي ممبئي بندرگاهه تي آمد وقت ان جو تفصيلي معائنو ڪيو. ڀارت جي سامونڊي فوج عربي سمنڊ ۾ واپاري جهازن تي حملن جي خدشن کي نظر ۾ رکندي انهن جي نگرانيءَ لاءِ پي 81 لانگ رينج پيٽرول ايئر ڪرافٽ ۽ گائيڊڊ ميزائل دسٽرائر آ??ِ اين ايس مورموگاؤ، آ??ِ اين ايس ڪوچي ۽ آ??ِ اين ايس ڪولڪته کي خطي ۾ سامونڊي جهاز تي تيار حالت ۾ رکيو ويو آهي. ايم وي ڪيم پلوٽو جي عملي جي 21 ميمبرن جو تعلق ڀارت ۽ هڪ جو ويٽنام سان آهي.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون