??ڏي?? قومون -30 آگسٽ (اي پي پي) ??ڏي?? قومن ايٽمي تجربن کي اجتماعي خودڪشي قرار ڏيندي خبردار ڪيو آهي، ته ايٽمي تجربن جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي وڌيڪ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. ??ڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش گذريل ڏينهن ايٽمي تجربن خلاف عالمي ڏينهن تي پنهن??ي پيغام ۾ اهم ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ان عالمي معاهدي جي توثيق ڪن جنهن ۾ پرامن ۽ فوجي مقصد ٻنهي لاءِ ايٽمي تجربن تي پابندي لڳائي وئي آهي. هن چيو ته ه??ندڙ سال اسان کي عالمي سطح تي عدم اعتماد ۽ ورهاڱي ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اهڙي وقت ۾ جڏهن سڄي دنيا ۾ اٽڪل 13 هزار ايٽمي هٿيارن جو ??خيرو آهي ۽ اهي ملڪ پنهنجي صلاحيتن، رسائي، ۽ تباهه ڪن طاقت کي بهتر بڻائڻ لاءِ اڃا وڌ??ڪ ڪم ڪري رهيا آهن. اهو مڪمل تباهي جو هڪ نسخو آهي ان لاءِ ايٽمي هٿيارن کان پاڪ دنيا لاءِ ايٽمي تجربن تي پابندي جو ??امع معاهدو (سي ٽي بي ٽي) اسان جي جدوجهد ۾ هڪ بنيادي قدم آهي. اهو معاهدو سيپٽمبر 1996ع ۾ صحيحين لاءِ پيش ڪيو ويو پر اڃا تائين ان تي عمل ٿيڻو باقي آهي. ڇاڪاڻ ته ان تي 40 مخصوص ايٽمي ٽيڪنالاجي رکندڙ ملڪن طرفان صحيحيون ۽ توثيق ٿيڻ گهرجي جن مان 8 ملڪ پاڪستان، ڀارت، ايران، چين، مصر، اسرائيل، اتر ڪوريا ۽ آمريڪا اڃا تائين ان جي توثيق ناهي ڪئي. ??ڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل معاهدي جي توثيق نه ڪندڙ ملڪن کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي بنا ڪنهن شرط جي ايٽمي تجربن تي پابندي جو ??امع معاهدي سي ٽي بي ٽي جي فوري توثيق ڪن.
ايٽمي تجربن جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil