واشنگٽن -10 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن موجوده اسرائيلي وز??راعظم نيتن ياهو جي حڪومت کي صيهوني رياست جي چوٿين وز??راعظم گولڊا مائير کان پوءِ اسرائيل ۾ سڀ کان وڌيڪ انتهاپسند قرار ڏيندي چيو آهي ته فلسطين تڪرار ک?? ختم ڪرڻ لاءِ ٻه رياستي حل ئي صحيح رستو آهي. سعودي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق سي اين اين کي انٽرويو ڏيندي ج??بائيڊن اسرائيلي وز??راعظم نيتن ياهو جي حڪومت کي اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي وسندين جي حوالي سان تنقيد جو نشانو بڻائندي چيو ته هو ان مسئلي ج?? حصو آهي. آمريڪي صدر خاص طور اسرائيلي ڪابينه جي ميمبرن تي به تنقيد ڪئي ج??ڪي چون ٿا ته اسان جتي چاهيون آباد ٿي سگهون ٿا. آمريڪي صدر چيو ته يوڪرين هن وقت تائين نيٽو ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. ان کان پهرين جو نيٽو اتح??دي يوڪرين کي پنهنجي صفن ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪري يوڪرين جنگ ک?? ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اتحاد ۾ يوڪرين جي ميمبرشپ تي ڳالهائڻ وقت کان اڳ هوندو. سندس ملڪ ۽ سندس اتح??دي يوڪرين کي گهربل ڄاڻ ۽ فوجي سازو سامان فراهم ڪندا رهندا.
نيتن ياهو جي حڪومت گولڊا مائير کان وڌيڪ انتهاپسند آهي: آمريڪي صدر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ