جده -20 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ??وڊ??ن جي عوام لا??ِ مملڪت جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته سندس ملڪ ??وڊ??ن واسين سان گڏ بيٺل آهي، هن جده ڳالهين لا??ِ هڪ حصي طور جهيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ سعودي عرب ۽ آمريڪا جي ٽياڪڙي جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي چيو ته بحران جي سياسي حل تائين پهچڻ لا??ِ ڪوششون جاري رکيون وينديون. هن ويڊيو ڪال ذريعي ??وڊ??ن بابت امدادي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ??وڊ??ن جو عوام تشدد سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لا??ِ فوري مدد جو منتظر آهي. گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريش ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ??وڊ??ن غير معمولي رفتار سان موت ۽ تباهي طرف وڌي رهيو آهي. هن عطيو ڏيندڙن تي زور ڀريو ته اهي اڳيان وڌن ۽ انهي تباهي کي روڪين. سيڪريٽري جنرل مض??وط عالمي حمايت بنا ??وڊ??ن تيزي سان لاقانونيت جو ڳڙهه بڻجي سگهي ٿو جنهن سان سڄي خطي ۾ عدم تحفظ پکڙجي سگهي ٿو. هن چيو ته دارفور ۽ خرطوم جي صورتحال تباهه ڪندڙ آهي، ماڻهن تي سندن گهرن ۽ رستن تي حملا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ٻن مهينن کان گهٽ عرصي ۾ 20 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن ۽ اهي ??وڊ??ن جي محفوظ علائقن يا سرحدن جي هن پار پناهه لا??ِ مجبور آهن. 5 ??ک کان وڌيڪ ماڻهو اڳ ئي سرحد پار پاڙيسري ملڪن ۾ داخل ٿي چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته ان تڪرار جي شروع ٿيڻ کان اڳ ??وڊ??ن اڳ ئي انساني بحران جو شڪار هو، جيڪو هاڻي هڪ تباهي جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن سان ملڪ جي اڌ آبادي کان وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ لا??ِ اهو تمام ضروري آهي ته بحران جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ ان جو واحد رستو امن جي واپسي ۽ جمهوريت طرف منتقلي ذريعي سويلين حڪمراني جي بحالي آهي. اها امدادي ڪانفرنس گڏيل قومن جي انساني حقن ۽ پناهگيرن جي ادارن سان گڏوگڏ مصر، جرمني، قطر ۽ سعودي عرب کان علاوه آفريقي يونين ۽ يورپي يونين طرفان گڏيل طور تي منعقد ڪئي وئي آهي.
سوڊان غيرمعمولي رفتار سان موت ۽ تباهي طرف وڌي رهيو آهي: انتونيو گوتريش
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ