ڪيپ ٽائون – 12 جنوري (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا انصاف جي عالمي عدالت کي م??البو ڪيو آهي ته هو اسرائيل کي غزه ۾ فوجي آپ??يشن کي فوري طور معطل ڪر?? جو حڪم ڏي. رائٽرز مطابق نيدرلينڊز جي شهر دي هيگ ۾ ڏکڻ آفريقا طرفان اهو مطالبو گڏيل قومن جي اعليٰ ترين عدالت ۾ اسرائيل خلاف ڪيس جي شنوائي جي پهرين ڏينهن سامهون آيو. ڏکڻ آفريقا چيو ته اسرائيل غزه ۾ فلسطيني شهرين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. ڏکڻ آفريقا چيو ته 3 مهينن جي اسرائيلي بمباري غزه جو وڏو حصو تباهه ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ 23 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ اٽڪل 23 لک فلسطيني بي گهر ٿيا. اسرائيلي حڪومت جي ترجمان ايلون ليوي چيو آهي ته اسرائيل ڏکڻ آفريقا جي رتو ڇاڻ جي الزام کي ختم ڪر?? لاءِ بين الاق??ام?? انصاف واري عدالت آڏو پيش ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ