يروشلم -25 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل جي قابض حڪومت والاريل بيت المقدس جي اوڀرندي حصي ۾ هلندڙ سال جي شروع کان 18 هزار کان وڌيڪ گهرن جي تعمير واري منصوبي جي منظور?? ڏئي ڇڏي آ??ي. ??لسطين جي اطلاعات واري مرڪز مطابق اسرائيلي عير عميم فائونڊيشن جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي، ته موجوده اسرائيل جي حڪومت هن سال جنوري کان سيپٽمبر تائين والاريل بيت المقدس جي اوڀر واري حصي ۾ 18 هزار 223 گهرن جي يونٽن جي تعمير جي منصوبي جي منظور?? ڏئي ڇڏي آهي. تنظيم ٻڌايو ته نون يونٽس جو اهو انگ 2021ع بعد والاريل بيت المقدس ۽ ان جي چوڌاري آبادڪاري جي توسيع وڌائڻ جي رجحان جي عڪاسي ڪري ٿو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اها اڳڀرائي اسرائيل جي مسقتل ۽ منظم ڏاڍ جي حقيقت جي عڪاسي آ??ي. ??ابض فوج والاريل اولهندي ڪناري ۽ والاريل بيت المقدس ۾ 199 کان وڌيڪ وسنديون ۽ 256 بستي چوڪيون قائم ڪيون آهن جن ۾ 9 لک کان وڌ??ڪ آبادي ترسيل آهي، جن مان ساڍا 3 لک والاريل بيت المقدس جي اوڀرندي حصي جا ماڻهو به شامل آهن، جيڪي فلسطيني شهرين ۽ سندن فلسطيني ملڪيتن تي اٽڪل روزانو حملا ڪندا آهن.
اسرائيل جي حڪومت طرفان والاريل بيت المقدس ۾ 18 هزار يهودي گهر تعمير ڪرڻ واري منصوبي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم