اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت پاران ڪڻڪ جي برآمد تي پابندي جي تجويز تي سفارشون جوڙڻ جي لاءِ معاملو اي سي سي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي پاور سيڪٽر جي ادارن جي وصول جوڳن قرضن جي بدلي ۾ انڊسٽريل سپورٽ پئڪيج (آءِ ايس پي) جو معاملو پڻ حل ڪري ڇڏيو، اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ ۾ جهاز ??ان?? جي صنعت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جهازن جي درآمد تي ٽ??ڪس رليف ڏيڻ جي ڏس ۾ ميري ٽائيم ا??يئرز واري وزارت جي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي، اوڳاڙين ۽ اقتصادي معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال