کيوڙه – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پرڏيهي ملڪن کان قرضن بدران پرڏيهي سيڙپڪاري تي يقين رکي ٿي، سعودي عرب پاڪستان ۾ اربين روپين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکي ٿو، سعودي عرب گوادر ۾ آئل ريفائنري لڳائيندو، موجوده حڪومت شفافيت ۽ خود??حت??ابي سان اڳتي وڌي رهي آهي، ??حت??اب جو عمل به جاري آهي ايند?? ڏينهن ۾ ??حت??اب جو عمل وڌيڪ تيز ٿيندو، ملڪ ۽ قوم جي دولت ڦريندڙ چورن ۽ ڌاڙيلن کي حساب ڏيڻو پوندو، اسحاق ڊار ڪمپني عوام جو پئسو کاڌو آهي اهو هر صورت ۾ واپس آڻ??ند??سين پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام به اهو چاهي ٿي. جهلم، پنڊ دادن خان، کيوڙه ۽ ٻين علائقن ۾ عوام جي پراڻي مسئلن جي حل سان گڏ تعمير ۽ ت??قي جي نون منصوبن جا ڄار وڇائ??ند??سين. هو پنڊ دادن خان، کيوڙه، جهلم ۾ مختلف تقريبن کي خطاب ڪري رهيو هو.
سعودي عرب پاڪستان ۾ اربين روپين جي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو: چوڌري فواد
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار